شاھپور جهانيان : صحافي قاسم جاني ٻگهيو مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف احتجاج ڪندي

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي) شاھپور جهانيان پريس ڪلب جي صحافي قاسم جاني ٻگهيو مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف نواب شاھ پريس ڪلب جي صدر ذوالفقار علي خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ضلعي نواب شاھ جي مختلف شھرن جي صحافين  دولتپور پھچي دولتپور پوليس ٿاڻي اڳيان جوابدارن جي گرفتاري لاء احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاء سخت نعريبازي ڪئي . ان موقعي تي نواب شاھ پريس ڪلب جي صدر ذوالفقار علي خاصخيلي ,الھ رکيو سيال ,ولي محمد جوکيو ,عبدالوحيد ڏاهري ,رياض مشوري ,ظفر چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته صحافي قاسم جاني ٻگھيو مٿان حملو ڪندڙن حملي آورن  جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر جوابدارن جي گرفتاري لاء احتجاجي مظاھرا ڪري ڌرڻا ھنيا ويندا.ڌرڻي ۾ دولتپور ,شاهپور جهانيان ,اٺھٺ موري ,جمال شاھ, نواب ولي محمد , پروفيشنل صحافتي سٿ قاضي احمد سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

Read Previous

ڄام شوري جي رهواسي رشيده چانڊيو پنهنجي مُڙس صدام حسين سان گڏجي نوابشاهه پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي

Read Next

قاضي احمد لڳ ڳوٺ مير خان پکريو واسيڻ مسمات لطيفان زال خميسو جوڻيجو پنھنجي مڙس ء پٽ اياز جوڻيجو سان گڏجي دانھيندي

Most Popular