قاضي احمد لڳ ڳوٺ مير خان پکريو واسيڻ مسمات لطيفان زال خميسو جوڻيجو پنھنجي مڙس ء پٽ اياز جوڻيجو سان گڏجي دانھيندي

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي)  قاضي احمد لڳ ڳوٺ مير خان پکريو واسيڻ مسمات لطيفان زال خميسو جوڻيجو پنھنجي مڙس ء پٽ اياز جوڻيجو سان گڏجي دانھيندي چيو ته اسان جو ڳوٺ ۾ پلاٽ آهي جنهن تي قبضي لاءِ پکريا برادري جي دوست محمد، پوليس ڪانسٽيبل سھيل، جاني، الطاف ء وقار جن قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، اڄ جمعي نماز بعد اسان جي گھرن ۾ زبردستي گهڙي عورتن ٻارڙن ء منهنجي پٽ اياز تي مڪن لتن جو وسڪارو لائي ڏنو ء ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا، هنن ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي آئي جي سنڌ، ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪيو ته بااثر جوابدارن ء قاضي احمد پوليس جي سپاهي سھيل پکريو خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت م اسان قاضي احمد ٿاڻي آڏو ڀرپور احتجاج ڪنداسين.

Read Previous

شاھپور جهانيان : صحافي قاسم جاني ٻگهيو مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف احتجاج ڪندي

Read Next

خيرپور ڀرسان ٻٻرلو شهر ۾ شيخ ۽ سيد برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

Most Popular