ڪورونا وائرس ڀارت مان پکڙيو…! سائنسدانن ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

بيجنگ :  چيني سائنسدانن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس چين جي شهر ووهان نه پر ڀارت مان سڄي دنيا ۾ پکڙيو ۽ اتي ئي ٺهيو. عالمي وبا ڪورونا وائرس کي تقريبن هڪ سال ٿي چڪو آهي ۽ اڃا تائين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان جا حملا جاري آهن. ڪورونا وائرس سان متاثر ترين ملڪن ۾ آمريڪا پهرين ۽ ڀارت ٻئي نمبر تي آهي، هتي روز هزارين ماڻهو ان وائرس جو شڪار ٿي رهيا آهن. ان کان اڳ اهي ڳالهيون ڪيون پئي ويون ته ڪورونا وائرس چين جي شهر ووهان مان پکڙيو پر هاڻ چيني اڪيڊمي آف سائنسز جي سائنسدانن ڪورونا وائرس جي پکيڙ جو مرڪز ڀارت هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. چيئي سائنسدانن موجب گذريل سال مئي ۽ جون ۾ سخت گرمي دوران ڀارت ۾ هڪ خطرناڪ وائرس جهنگلي جانورن، خاص طور ڀولن مان نڪري انسانن ۾ منتقل ٿيو. چيئي سائنسدانن جي رپورٽ موجب مئي ۽ جون 2019 ۾ سخت گرمي سبب پاڻي جي کوٽ هئي ۽ ڀارت ۾ جانورن ۽ انسانن جي هڪ ئي هنڌان پاڻي پيئڻ سبب اهو وائرس آبادي ۾ منتقل ٿيو ۽ نوجوان آبادي کي گهٽ متاثر ڪندو چين جي شهر ووهان پهتو، جتي ان جي ڊسمبر ۾ سڃاڻپ ٿي. هوڏانهن ٻين سائنسدانن چين جي اهڙي دعويٰ کي رد ڪندي ان کي تعصب تي ٻڌل قرار ڏنو آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ چين آمريڪي فوجين تي به ووهان جي دوري دوران ڪورونا وائرس پکيڙڻ جو الزام هنيو هو.

Read Previous

سڄي دنيا جي معيشت ويهي رهي پر پاڪستان ۾ صورتحال بهتر آهي: اسد عمر

Read Next

ايران جو انتهائي اهم سائنسدان ۽ جوهري پروگرام جو سربراهه قتل

Most Popular