سڄي دنيا جي معيشت ويهي رهي پر پاڪستان ۾ صورتحال بهتر آهي: اسد عمر

سکر:  وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سموري دنيا  جي معيشت ويهي رهي آهي پر پاڪستان ۾ صورتحال بهتر آهي. سکر ۾ تحريڪ انصاف يونگ جونگ جي تقريب کي خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته اسان کي صرف ڪراچي جي لاءِ ڪم ناهي ڪرڻو پر اسان سموري سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا.  عمران خان ڪنهن شهر جو نه پر پوري ملڪ جي  ترقي چاهي ٿو. سکر ۾ ڪٿي به ترقي جا آثآر نظر نه پيا اچن هتي پيئڻ جو صاف پاڻي به ناهي ملي رهيو. هن چيو ته محدود وسيلن جي باوجود اتر سنڌ جي لاءِ ترقياتي پيڪيج ٺاهينداسين.  عمران خان هميشه قانون  جي مٿانهين هجن جون ڳالهيون ڪندو آهي. زيادتي ڪندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن کي وارننگ ڏئي رهيا آهيون. انهن کي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.  وفاقي وزير چيو ته پنهنجي ۽ خاندان جي لاءِ هڪ معيار ۽ عوام جي لاءِ ٻيو معيار نه رکو. نوازشريف  کي دعوت ڏئي رهيا آهيون هو واپس اچي کيس ڪنهن روڪيو اهي جڏهن ته شهباز شريف اداڪاري ڪري رهيوآهي. اسد عمر وڌيڪ چيو ته سموري دنيا جي معيشت ويهي رهي آهي پر پاڪستان ۾ بهتر صورتحال آهي. فيصل آباد مان مزدورن جي کوٽ ٿي رهي آهي برآمدات وڌي رهي آهي. هن چيو ته سموري پاڪستان ۾ اٽو سستو ۽ سنڌ ۾ مهانگو آهي. سٺي خبر آهي ته کنڊ جي قيمت هيٺ اچي رهي آهي.

Read Previous

جاتي امراءَ ۾ شريف ڀائرن جي امڙ شميم اختر جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

Read Next

ڪورونا وائرس ڀارت مان پکڙيو…! سائنسدانن ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

Most Popular