ايران جو انتهائي اهم سائنسدان ۽ جوهري پروگرام جو سربراهه قتل

تهران ايران جي انتهائي اهم ۽ صف اول جي سائنسدان ۽ جوهري پروگرام جي سربراهه 59 سالن جي محسن فخري زادي کي راڄڌاني جي علائقي دماوند ۾ قتل ڪيو ويو.عالمي خابرو اداري موجب ايران ۾ ”بابائي ايٽم بم“ جي نالي سان شهرت رکندڙ جوهري سائنسدان محسن فخري زاده ڪار تي حملي ۾ سخت زخمي ٿي پيو، کيس اسپتال آندو ويو پر هو زخمن جي سٽ نه سهي سگهيو.ايران جي بچاءَ واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سائنسدان جي گاڏي تي هٿياربند ماڻهن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي جواب ۾ هن جي محافظن به جوابي فائرنگ ڪئي جنهن دوران محسن فخري زاده گوليون لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.اسرائيلي وزير اعظم ايران جي پاسداران انقلاب جي ويجهو سمجهيو ويندڙ محسن فخري زاده جو پريس ڪانفرنس دوران نالو کڻندي چيو هو ته ان شخص جو نالو ياد رکيو وڃي. ايران جي پرڏيهي جواد ظريف سائنسدان جي موت جو ذميوار اسرائيل کي قرار ڏنو آهي.

Read Previous

ڪورونا وائرس ڀارت مان پکڙيو…! سائنسدانن ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

Read Next

لاڙڪاڻو 10 ڏينهن گذرڻ باوجود حدري ٿاڻي جي حد ڪوثر محلا جي رھواسڻ 22 ورھين جي عورت عاصمہ جا قاتل گرفتار نہ ٿي سگھيا

Most Popular