لاڙڪاڻو 10 ڏينهن گذرڻ باوجود حدري ٿاڻي جي حد ڪوثر محلا جي رھواسڻ 22 ورھين جي عورت عاصمہ جا قاتل گرفتار نہ ٿي سگھيا

لاڙڪاڻو بيورو چيف دلبر شاهد لاڙڪاڻو  ڏھ.  ڏينهن گذرڻ باوجود حدري ٿاڻي جي حد ڪوثر محلا جي رھواسڻ 22 ورھين جي عورت عاصمہ جا قاتل گرفتار نہ ٿي سگھيا هڪ بيگناه طارق کوکر 10 ڏينهن کان حيدري ٿاڻي تي قيد   تفصيل موجب لاڙڪاڻي شھر جي حيدري ٿاڻي جي حد ۾ ڪوثر محلا جي رھواسڻ 22 ورھين جي عاصمہ پنهنجي مڙس بابر کوکر ھٿان بيدردي سان گھر ۾  اندر قتل، ڪجھ ڏينهن آڳ عورت عاصمہ پنهنجي مڙس بابر کان ڪاوڙجي پنهنجي ماءُ وٽ آئي ھئي جنهن تي مڙس  نظر محلا جو رهواسي بابر کوکر ۽ سندس ڀاءُ علي کوکر عورت جي گھر اندر داخل ٿي گولين جو ڪاڄ بڻايو پر افسوس جو ھن وقت تائين قاتل گرفتار نہ ٿي سگھيا، پوليس محمول موجب سستي جو مظاهرو ڪري ڪک بہ ڀڄي ٻيڻو ناھي ڪيو قتل ٿيل عورت جي وارثن ۾  خوف ۽ حراس ڇانيل قتل پاران مقتول عورت جي گھر ڀاتين کي موتمار دمڪيون ڏنيون ويون، ياد رھي تہ مقتول عورت عاصمہ جي گھر ۾ ان جون ٻہ ڀڻيون ۽ ھڪ ماء ۽ ھڪ پوڙڻو پيءُ رھي ٿو جنهن تي انھن کي جان جو خطرو برقرار آهي پر پوليس ڪا بہ تعاون ڪرڻ لاء تيار ناهي ۽ نہ ئي ھن محل تائين ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي، مقتول عورت جي امڙ ۽ سندس ڀينيرن پاران سپريم ڪورٽ وزير اعلئ سنڌ سيد مراد علي شاھ، آئي جي سنڌ پوليس، ڊي جي رينجرس کان مطالبو ڪيو ته قتل بابر کوکر ۽ سندس ڀاءُ علي کوکر کي جلد کان جلد گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي جڏهن ته بيگناه طارق کوکر جيڪو قاتلن جو ماروٽ آهي ء هن قتل م نه ملوث آ نه ئي هن جو ايف يار م ڪو نالو آهي 10 ڏينهن کان حيدري ٿاڻي تي قيد آهي جڏهن ته هن جي امڙ روئيندي ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجو مڙس گذاري چڪو آهي ء گهر جو وڏو اهو پٽ آهي جيڪو منڊي م مزدوري ڪندو آهي ڪو ڇڏائڻ وارو به ناهي آء اپيل ٿي ڪريان وس وارن کي ته منهنجو پٽ آزاد ڪرائي ڏيو

Read Previous

ايران جو انتهائي اهم سائنسدان ۽ جوهري پروگرام جو سربراهه قتل

Read Next

قاضي احمد: پاڪستان تحريڪ انصاف جا اڳواڻ اڳوڻو صوبائي وزیر توڙي تحریڪ انصاف ویلفيئر ونگ جو مرڪزي نائب صدر ۽ ٻيا قاضي احمد پھتا

Most Popular