سکر ۾ مسافر وين اونڌي، 10 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

سکر : سکر ۾ خوفناڪ روڊ حادثي ۾ 10 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن موجب سکر جي علائقي سانگي ۾ مسافر وين اونڌي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، حادثي جو شڪار وين پنجاب کان ڪراچي وڃي رهي هئي.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي جو اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمون روانيون ٿي ويون آهن ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جن کي طبي امداد ڏني وئي وڃي.

Read Previous

نيوسعيدآباد بائي پاس تي ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر ڪار اڳيان ويندڙ ٽرالر جي پويان گهڙي ويئي 3 ڄڻا زخمي

Read Next

چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪيس: فاروق ستار سميت پنج ايم ڪيو ايم اڳواڻ آزاد

Most Popular