چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪيس: فاروق ستار سميت پنج ايم ڪيو ايم اڳواڻ آزاد

ڪراچي: دهشتگردي جي انت واري عدالت چڙ ڏياريندڙ تقرير ۾ سهولتڪاري ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. اي ٽي سي عدالت 5 جوابدارن جي آزادي جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي فاروق ستار، خواجه اظهارالحسن، ر.ئوف صديقي، وسيم اختر ۽ قمر منصور کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. جوابدارن جي خلاف سهراب ڳوٺ ٿاڻي ۾ ٻه ڪيس داخل هئا. سرڪاري وڪيل طرفان جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جي مخالفت ڪئي وئي جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو. عدالت 11 جنوري 2020 تي ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار،  سينئر اڳواڻ عامر خان، وسيم اختر، خواجه اظهارالحسن ۽ محمد جاويد  مٿان فرد جرم لاڳو ڪئي هئي پر جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.  ياد رهي ته 22 آگسٽ 2016 تي ايم ڪيو ايم باني الطاف حسين طرفان پاڪستان مخالف تقرير ۽ ميڊيا ادارن تي حملن ۾ سهولتڪاري تي فاروق ستار، خالد مقبول صديقي ۽ عامر لياقت حسين سميت ٻين تي ڪراچي جي مختلف ٿاڻن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا. عدالت ڪيترن ئي اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري به ڪيا هئا.

Read Previous

سکر ۾ مسافر وين اونڌي، 10 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

Read Next

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ اڄ ملتان ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪندي

Most Popular