دادو پريس ڪلب جو سينيئر نائب صدر بليڪ ميلر جي ڪوڙي ڪيس مان باعزت بري، دادو ۾ بيلڪ ميلر ۽ منشيات فروش زاهد کوسو پاران داخل

دادو(ڊر)دادو پريس ڪلب جو سينيئر نائب صدر بليڪ ميلر جي ڪوڙي ڪيس مان باعزت بري، دادو ۾ بيلڪ ميلر ۽ منشيات فروش زاهد کوسو پاران داخل ڪرايل ڪيس کي دادو جي عدالت ڪوڙو قرار ڏئي صحافين کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، نوجوان وڪيل غلام علي مغل ڪيس جي پيروي ڪئي، ڏوهن ۾ ملوث زاهد کوسو جون منشيات وڪرو واريون خبرون هلائڻ تان دادو پريس ڪلب جي سينئر نائب صدر شھزاد حسين چانڊيو،دادو پريس ڪلب جي ميمبر ضمير چانڊيو ۽ اڪرم چانڊيو مٿان داخل ڪوڙو ڪيس عدالت ختم ڪري صحافين کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، صحافي شهزاد حسين چانڊيو چيو تہ منشيات فروشن جي گروهہ کي اخبارن ۾ وائکو ڪيو آهي ۽ وڌيڪ بہ ڪنداسين، ڏوهاري زاهد کوسو جي بليڪ ميلنگ ۾ نہ اينداسين، قلمي جنگ جاري رهندي.

Read Previous

ڪنڌرا لڳ شهر داراواهن جي سرڪاري اسپتال عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل عملي جي طرفان مريضن سان اڍنگي رويي سبب اسپتال جو ماحول بگڙجڻ لڳو عوام سخت پريشانيءَ جو شڪار

Read Next

دادو: ڊاڪٽر سهراب سرڪي برداري ۾ ڏڦيڙو وڌو آهي، برداري جي چڱن جو ڪَٺ گهرائي فيصلو ڪنداسين

Most Popular