ڪنڌرا لڳ شهر داراواهن جي سرڪاري اسپتال عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل عملي جي طرفان مريضن سان اڍنگي رويي سبب اسپتال جو ماحول بگڙجڻ لڳو عوام سخت پريشانيءَ جو شڪار

ڪنڌرا ( رپورٽر ) ڪنڌرا لڳ شهر داراواهن جي سرڪاري اسپتال عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل عملي جي طرفان مريضن سان اڍنگي رويي سبب اسپتال جو ماحول بگڙجڻ لڳو عوام سخت پريشانيءَ جو شڪار تفصيل موجب ڪنڌرا لڳ شهر داراواهن جي سرڪاري اسپتال جو عملو مريضن کي علاج ڪرڻ يا تسلي ڏيڻ جي بجاءِ بدتميزي تي لهي آيو آهي اهڙيون دانهون داراواهن جي معزز شخصيت مولوي نظر علي موريجو بابو موريجو ۽ رياض حسين موريجو ۽ ٻين صحافين سان شڪايتون ڪندي ڪيون هنن جو چوڻ هو ته اسان ننڍڙي ٻار کي اسپتال ۾ نيبولائيز ڪرائڻ وياسين يعني گيس چاڙهائڻ جي لاءِ وياسين ته اسپتال جو انچارج ڊاڪٽر مير پرويز اسپتال ۾ موجود نه هيو ان جي جاءِ تي ڊاڪٽر ويٺو هو جنهن کي اسان چيو سين هن ٻار کي ساه کڻڻ ۾  سخت دشواري اچي رهي آهي کيس گيس چاڙهيو وڃي جنهن تي ڊاڪٽر امتياز علي جواب ڏيندي چيو ته مشين ۾ گيس ڪونھي اوهان ڪنهن ٻي اسپتال وڃو هنن وڌيڪ چيو اسان جو ايترو چوڻ ته اگر ايمرجنسي جي وقت به اسپتال ۾ گهربل سامان ۽ دوائون نه هونديون ته مريض آخر ڪيڏانهن ويندا تنهن تي ڊاڪٽر امتياز غصو ڪندي چيو ته نڪري وڃو اسپتال مان، هن جي ڌڪن ڌوڻڻ ڏيڻ جي باوجود نه نڪرڻ تي هن  اسپتال ۾ پيل شيشي جي بوتلن جو وسڪارو لائي ڏنو اهڙي حالت ڏسي ماڻهن وچ ۾ پئي اسان  کي بچائي ورتو هنن سيڪريٽري هيلٿ ڊي ايڇ او سکر ۽ ٻين واسطيدارن کان گهر ڪندي چيو آهي پهريان ته  اسپتالن کي صحت جي گهربل دوائون ۽ ٻيو سامان ميسر ڪيو وڃي جنهن مان غريب عوام فائدو حاصل ڪري سگهي اگر اهو نٿا ڪري سگهو ته گهٽ ۾گهٽ اسپتالن ۾ مقرر ڪيل عملي کي اخلاقي دائري ۾ رهڻ جي تلقين ڪيو اگر اسپتال عملي جو مريضن سان رويو برقرار رهيو ته ٻي صورت ۾ اسين احتجاج جو حق رکون ٿا

Read Previous

قاضي احمد : دوست محمد ڪالوني ۾ رھندڙ پورهيت غلام نبي عرف ڪالو پراسرار بيماري وگھي زندگي ۽ موت جي جنگ وڙھي رھيو آھي

Read Next

دادو پريس ڪلب جو سينيئر نائب صدر بليڪ ميلر جي ڪوڙي ڪيس مان باعزت بري، دادو ۾ بيلڪ ميلر ۽ منشيات فروش زاهد کوسو پاران داخل

Most Popular