اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ محمد سليم جتوئي ۽ مختيارڪار سڪرنڊ وسيم لاشاري جو شهر جو اوچتو دورو

سڪرنڊ ( رپورٽ : اڪبر ملاح) اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ محمد سليم جتوئي ۽ مختيارڪار سڪرنڊ وسيم لاشاري جو شهر جو اوچتو دورو ، ڪورونا وائرس سبب ڪيل سمارٽ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ دڪاندارن جا دڪان سيل ڪيا ويا . ياد رهي ته تعلقي سڪرنڊ ۾ ڪورونا وائرس جا 26 ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوء ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد ابرار احمد جعفر طرفان سڪرنڊ جي ٽن يونين ڪائونسلن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيوويو آهي جنهن کانپوء سڪرنڊ شهر جي رستن کي ڪناتون هڻي بند ڪيو ويو آهي . اي سي سڪرنڊ محمد سليم جتوئي صحافين پاران پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾  چيو ته جيڪي به دڪاندار قانون جي خلاف ورزي ڪندا انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ، هن چيو ته لاڪ ڊائون  عوام جي صحت جو خيال رکندي لاڳو ڪيو ويو آهي . ماڻھن به گهرجي ته پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو احتياط ڪن ۽ ماڻھو ڪورونا جي مرض کان بچڻ لاء ماسڪ جي استعمال کي يقيني بنائين ۽ سوشل ڊسٽينس جو خيال ڪن .

Read Previous

لاڙڪاڻي ۾ عباسي خاندان طرفان ڪوٽ وليد داراب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو 53 هون يوم تاسيس جو ڏهاڙو ملهائي تقريب ڪوٺائي وئي

Read Next

پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو سٽي طرفان المرتضيٰ هائوس ۾ 53 هيون يوم تاسيس جي تقريب ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو

Most Popular