لاڙڪاڻي ۾ عباسي خاندان طرفان ڪوٽ وليد داراب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو 53 هون يوم تاسيس جو ڏهاڙو ملهائي تقريب ڪوٺائي وئي

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي ۾ عباسي خاندان طرفان ڪوٽ وليد داراب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو 53 هون يوم تاسيس جو ڏهاڙو ملهائي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ورڪرز جي صدر ۽ اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، اڳوڻي ايم اين اي ناهيد خان، اويس علي عباسي، رافع علي عباسي، امتياز علي عباسي، عمران شاهه ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو. تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر صفدر علي عباسي چيو ته پيپلز پارٽي جو يوم تاسيس منهنجو مرحوم ڀاءُ حاجي منور علي عباسي ملهائيندو هو اڄ جيتوڻيڪ هو اسان جي وچ ۾ ناهي پر اسين پنهنجي مرحوم ڀاءُ جي روايت کي برقرار رکندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس ملهائي رهيا آهيون ان وقت جڏهن اسان کي اڪيلو ڪيو ويو ته مجبور ٿي اسان پيپلز پارٽي ورڪرز پارٽي ٺاهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي مان معظم علي عباسي پيپلز پارٽي کي ٻه ڀيرا شڪست ڏئي واضع پيغام ڏنو ته هاڻي لاڙڪاڻي جي عوام به سجاڳ ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ناهيد خان ناهيد خان پيپلز پارٽي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون، پيپلز پارٽي 1967ع ۾ ٺهي پر اسان جو واسطو پيپلز پارٽي جي ٺهڻ کان به اڳ جو آهي جيڪڏهن ڪير اوهان کي نظرانداز ڪري ته پوءِ اوهين فيصلو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا آهيون اڄ پيپلز پارٽي ملڪ ۾ ڪمزور ٿي چڪي جيڪا پارٽي سنڌ جي ڪجهه ضلعن تائين موجود آهي. ناهيد خان چيو ته اوهين خوشنصيب آهيون جو اوهان جو واسطو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهر سان آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ئي هن ملڪ جي مظلوم عوام کي سوچ ڏني هئي جيڪا سوچ جاگيردارن جي خلاف هئي جيڪي پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪري سياست ڪندا آهن. هن چيو ته عوام کي ووٽ جي اهميت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ڏني پر هاڻي اوهان کي پنهنجي سوچ تبديل ڪرڻي پوندي ڇاڪاڻ سياست ڪرڻ سڀني جو حق آهي اڄ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي تي هر هنڌ شهيدن جو نظريو موجود آهي. هن چيو ته اسان زرداري مخالفت جي ڪري پيپلز پارٽي ورڪرز ٺاهي ڇاڪاڻ اسان کي زرداري جي سوچ قبول نه هئي ۽ اسين شهيد ڀٽي جي نظريي کي پسند ڪندا آهيون هي ملڪ ڪنهن جي جاگير ناهي هن ملڪ تي سڀنن جو حق آهي جيڪڏهن ڪير چئي ته پنجاب ۽ سنڌ بهتر آهي يا بلوچستان يا ڪي پي ڪي ته اها سوچ بلڪل غلط آهي، پاڪستان بهتر آهي ۽ اها ئي سوچ اسان سڀنن جي لاءِ بهتر آهي. هن چيو ته پارٽيون اينديون وينديون آهن پر نظريا زندهه رهندا آهن، آءُ هن صوبي جي نه آهيان پر منهنجي شادي هن صوبي ۾ ٿي، هن صوبي جا به رهندڙ انسان آهن پر هتي انسانن جو قدر ناهي. هن چيو ته ترقياتي ڪمن جا پئسا ڪيڏانهن وڃن ٿا، نوڪريون پئسن تي ملن ٿيون جنهن ڪري نوجوان پريشان آهن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو روٽي، ڪپڙا ۽ مڪاني جو نعرو هنيو پر موجوده پيپلز پارٽي ان تي عمل ئي ناهي ڪيو ۽ هر ماڻهو موجوده پيپلز پارٽي مان بيزار آهي.

Read Previous

تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اڳواڻ علامه خادم حسين رضوي جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ سانگهڙ شهر ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي آفيس ۾ تعزيتي گڏجاڻي رکي وئي

Read Next

اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ محمد سليم جتوئي ۽ مختيارڪار سڪرنڊ وسيم لاشاري جو شهر جو اوچتو دورو

Most Popular