لاهور: مسلم ليگ(ن) شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پيرول تي آزادي واري مدي ۾ واڌ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پيرول تي آزادي جو مدو سڀاڻي ختم ٿي رهيو آهي جنهن ۾ واڌ جي لاءِ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ عطا تارڙ طرفان پنجاب جي گهرو وزارت کي درخواست ڏني وئي آهي. عطا تارڙ درخواست ۾ چيو ته ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي بيگم شميم اختر جي لاڏاڻي تي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز سان ڏک ونڊڻ ۽ تعزيت جي لاءِ اچڻ چاهين ٿا ان ڪري انهن جي پيرول ۾ واڌ ڪئي وڃي. پنجاب جي گهرو وزارت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي جمعي 27 نومبر تي 5 ڏينهن جي لاءِ پيرول تي آزاد ڪيو هو. انهن جي آزادي جو مدو اڄ پهرين ڊسمبر تائين آهي. نواز ۽ شهباز شريف جي امڙ 22 نومبر تي لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي. ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ شهباز شريف ۽ حمزه جي پيرول ۾ واڌ جي درخواست رد ڪندي چيو آهي ته وڏي وزير اڳ ئي انساني همدردي ۾ معمول کان وڌيڪ ڏينهن جي لاءِ پيرول ڏنو. سياسي گپ شپ ۽ ڪاروباري معاملا هلائڻ جي لاءِ پيرول ۾ واڌ نه ملندي. ماءُ جي مڙهه جي صف تي سياست جي اجازت نه ڏينداسين. شهباز شريف کي اها درخواست ڏيڻ ئي نه گهرجي. پنجاب حڪومت جي پاليسي صاف ظاهر آهي.