ڀارتي فوج هٿان نومبر مهيني دوران پندرنهن ڪشميري نوجوان شهيد

سرينگر:   والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج رياستي دهشتگردي جو مظاهرو ڪندي نومبر مهيني دوران وڌيڪ 15 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو.  ڪشمير ميڊيا سروس(ڪي ايم سي) موجب شهيدن مان هڪ ڪشميري نوجوان کي گرفتاري دوران ۽ 4 ڪشميرين کي  ڪوڙي مقابلي ۾ شهيد ڪيو ويو. ان عرصي ۾ ڀارتي  فورسز جي فائرنگ، پيلٽ گنن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ سبب 97 ڪشميري سخت زخمي ٿي پيا هئا ۽ 31 ڄڻن کي ڪاري قانون تحت  گرفتار ڪيو ويو جن مان وڏو انگ نوجوانن جو آهي.  والاريل وادي ۾ گذريل مهيني قابض ڀارتي فورسز طرفان ڪشميري عورتن سان بدسلوڪي جا 7 واقعا پيش آيا ۽ هڪ گهر کي تباهه ڪيو ويو. انٽرنيشنل فورم جسٽس اينڊ هيومن رائٽس جمون ۽ ڪشمير جي چيئرمين محمد احسن اونتو وادي ۾ ڀارتي ظلمن جي مذمت ڪندي گڏيل قومن کي خطي ۾ مداخلت ۽ بيگناهه ڪشميرين  جي شهادتن جي جاچ جي لاءِ زور ڏنو. هن چيو ته گڏيل قومون ڀارت جي رڪنيت معطل ڪري ان  مٿان پابنديون لاڳو ڪري.

Read Previous

پي سي بي بابر اعظم کي ڊگهي مدي لاءِ ڪپتاني جي پڪ ڏياري ڇڏي

Read Next

فيروز خان ۽ ان جي گهر واري عليزه فاطمه ۾ وڇوٽيون پيدا ٿي ويون

Most Popular