جي يو آئي سميت پي ڊي ايم جا ڪارڪن 13تاريخ تي لاھور جو رک ڪن 13ڊسمبر تي ھن حڪومت کي گھر ڀيرو ڪنداسين : راشد محمود سومرو

سجاول(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري)جمعيت علماء السلام صوبي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو چيو آھي ته جي يو آئي سميت پي ڊي ايم جا ڪارڪن 13تاريخ تي لاھور جو رک ڪن 13ڊسمبر تي ھن حڪومت کي گھر ڀيرو ڪنداسين.عمران خان جي حڪومت عوام سان صرف دوکو ڪيو آھي عوام کي ڪجه به ناھي ڏئي سگھي ماڻھن کي بيروزگار ڪيو ويو آھي.اسٽيل مل جي ملازمن کي نوڪري مان فارغ ڪيو ويو آھي جنھن جي جمعيت علماء اسلام جنھن جي مذمت ڪري ٿي.ماڻھن کي روزگار ڏيڻ بدران انھن کان روزگار کسيو پيو وڃي.پي ڊي ايم جي سربراه مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۾ ھن سليڪٽيڊ حڪومت کي  گھر  ڀيرو ڪنداسين.ھن وڌيڪ چيو ته ايندڙ جمعي تي پوري ملڪ پاڪستان جي ضلعي ھيڊڪوارٽر ۾ ھن نااھل حڪومت خلاف احتجاج ڪيا ويندا.صوبي سنڌ ۾ جمعيت علماء اسلام طرفان ھر ضلعي ھيڊڪوارٽر ۾ احتجاج جو اعلان ڪريان ٿو.

Read Previous

ٺيڪيدار محمد عثمان لوٺيو پاران سجاول ٽائون ايدمنسٽريٽر۽ ٽي ايم او سجاول خلاف ٽائون آفيس اڳيان پنهنجي ٻارن سان گڏ احتجاج مظاھرو ڪيو ويو

Read Next

نوشهروفيروز کي ميونسپل جي درجو نه ڏيڻ خلاف شھري ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

Most Popular