نوشهروفيروز کي ميونسپل جي درجو نه ڏيڻ خلاف شھري ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

نوشهروفيروز(د ر) نوشهروفيروز کي ميونسپل جي درجو نه ڏيڻ خلاف شھري ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن محمد يونس راڄپر، راشد میمڻ، سچل چانڊيو، اڪرم پیرزادو، خالد تنیو ۽ ٻين چيو ته نوشهروفيروز شهر تاريخي حوالي سان ساهتي جو اهم شهر ۽ ضلعي هيڊ ڪوارٽر آهي. پر شهر سان اها ناانصافي جي انتها چئجي جو گذريل بلدياتي اليڪشن دوران نوشهروفيروز شهر کي ٽائون ڪاميٽي بڻائي ان م 8 وارڊ ڏيکاريا ويا جنهن جي حدن ۾ ڊسٽرڪٽ ڪورٽ، ڊسٽرڪٽ ڪامپليڪس، سيشن ڪورٽ، نادرا آفيس، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس آھي ۽ اهي يوسي ڪورحسن ۾ شامل ٿيل آهن اهڙيءَ طرح ڊي ايڇ او آفيس، ڊسٽرڪٽ اليڪشن آفيس، گورنمينٽ مدرسه هاءِ اسڪول، گرلس اسڪول، بحريا ڪاليج، اسڪارپ ايريگيشن ۽ واپڊا آفيس سميت ڪافي سرڪاري آفيسون يوسي سرحل ۾ شامل ٿيل آهن هنن چيو ته نه رڳو اهي آفيسون ۽ شهري علائقا ٽائون کان ٻاهر آهن پر هتي پيئڻ جي صاف پاڻي، ڊرينج جو نظام صحت صفائي جا مسئلا گهٽ آبادي ڏيکاري شهرين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو آهي پر هتان جي عوام سان اها ويسا گهاتي آهي بجيٽ گهٽ ۽ مسئلن جا انبار وڏا آهن هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ايندڙ بلدياتي اليڪشن کان پهريان نوشهروفيروز ٽائون ڪاميٽي کي ميونسپل ڪاميٽي جو درجو ڏئي  نوشهروفيروز شهرين مان بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي ۽ عدالت جو در کڙڪايو ويندو

Read Previous

جي يو آئي سميت پي ڊي ايم جا ڪارڪن 13تاريخ تي لاھور جو رک ڪن 13ڊسمبر تي ھن حڪومت کي گھر ڀيرو ڪنداسين : راشد محمود سومرو

Read Next

احساس ڪفالت پروگرام تحت جاري ڪيل امدادي رقم 12000روپيا قاضي احمد ۾ سوين مستحق عورت کي ٻئي ڏھاڙي به ملي ناهن سگهيا

Most Popular