ٺيڪيدار محمد عثمان لوٺيو پاران سجاول ٽائون ايدمنسٽريٽر۽ ٽي ايم او سجاول خلاف ٽائون آفيس اڳيان پنهنجي ٻارن سان گڏ احتجاج مظاھرو ڪيو ويو

سجاول (ڊر)ٺيڪيدار محمد عثمان لوٺيو پاران سجاول ٽائون ايدمنسٽريٽر۽ ٽي ايم او سجاول خلاف ٽائون آفيس اڳيان پنهنجي ٻارن سان گڏ احتجاج مظاھرو ڪيو ويو.احتجاج ڪندي ٺيڪيدار چيو ته آئون گذريل ڪيتري عرصي کان ٽائون سجاول جو هڪ غريب ٺيڪيدار آھيان مون شهر اندر ڪافي سارا روڊ گهٽيو ٺهرايون آهن واٽر سپلائي تلا۽ جي چوڌاري ديوار جو ترقياتي ڪم ڪيو آهي ۽ انهي کان علاوه شهر اندر مختلف جڳهين تي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن.جنهن جا  چيڪ پڻ مليل آهن اوهي چيڪ پاس نه ٿي سهگيا آهن.بار بار آفيسن جا چڪر ڪاٽي رهيو آهيان .ڊي سي محمد اسماعيل ميمڻ.ڊپٽي اسپيڪر سنڌ ميڊم رحانا لغاري، ايم اين اي اياز شاھ شيرازي،ايم پي اي شاھ حسين شاه شيرازي کان مطالبو ٿا ڪريان ته منهنجا ٿيل ترقياتي ڪم انهن جي وزٽ ڪري منهنجو حق مونکي وٺرائي ڏنو وڃي.

Read Previous

سجاول : سجاول جي شھرين جا گم ٿيل موبائل آئي ٽي سيڪشن جي انچارج عبدالحفيظ ٽريسنگ ڪري ملاڪن حوالي ڪيا ڪري ڇڏيا

Read Next

جي يو آئي سميت پي ڊي ايم جا ڪارڪن 13تاريخ تي لاھور جو رک ڪن 13ڊسمبر تي ھن حڪومت کي گھر ڀيرو ڪنداسين : راشد محمود سومرو

Most Popular