مورو پوليس جو ڳوٺ گجڻ زرداري تي چڙھائي ڪري ٻن نوجوان ڀائرن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ چوديواري جو تقدس پيمال ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو

مورو محمد انيس ڪلھوڙو: مورو پوليس جو ڳوٺ گجڻ زرداري تي چڙھائي ڪري ٻن نوجوان ڀائرن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ چوديواري جو تقدس پيمال ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو جنھن جي اڳواڻي غلام سرور زرداري، غلام حيدر زرداري، سڪندر زرداري، شبير زرداري، بھادر زرداري ڪري رھيا ھئا جتي ھنن چيو آھي تہ 13 ڏينھن اڳ مورو پوليس بلاجواز اسان جي گھرن تي چڙھائي ڪري گھرن ۾ ڪاھي پئي ۽ اسان جي ٻن نوجوانن گل حسن عرف ببلو زرداري ۽ غلام مرتضيٰ زرداري کي کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آھي ۽ ھن مھل تائين انھن کي ظاھر نہ ٿا ڪن اسان کي خدشو آھي تہ مذڪورہ ٻنھي نوجوانن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين ڪوڙو مقابلو ڏيکاري قتل ڪري ڇڏيندا اسان جي بار بار پوليس کي چوڻ جي باوجود بہ ھن مھل تائين انھن کي ظاھر نہ ڪيو ويو آھي ھنن الزام ھڻندي چيو آھي تہ ايس ايڇ او مورو منيم احمد لاڙڪ پھريان بہ پڊعيدن ٿاڻي ايس ايڇ او ھو تہ اسان جي مذڪورہ ٻنھي نوجوانن کي پڪڙي کڻي ويو ھو بعد ۾ ھڪ لک روپيا رشوت وٺي کين آزاد ڪيو ھو ۽ ھاڻ بہ وڏي رشوت طلب ڪري رھيو آھي اسان ايس ايڇ او مورو جي خلاف ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد کي پڻ شڪايت جي درخواست ڪئي آھي پر اسان کي ھن مھل تائين انصاف نہ ملي سگھيو آھي نہ ئي اسان جي گم ڪيل نوجوانن کي آزاد ڪيو ويو آھي ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي تہ بلاجواز پڪڙي گم ڪيل نوجوانن کي آزاد ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي،.

Read Previous

لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ثقافت جي حوالي سان سوشل ورڪر سرور سنڌو سومرو طرفان پنهنجي ٽيم سان لائبريري چوڪ وٽ سنڌ جي ثقافت سنڌي اجرڪ جو جهنڊو ڦڙڪائي تقريب منعقد

Read Next

ميھڙ ۾ رات واپڊا ملازم اصغر کوسو جو مامو عباس کوسو باء پاس م لاھوتي ھوٽل تي جوابدارن ھٿا بيدردي سان قتل جوابدار قتل ڪري فائرنگ

Most Popular