ميھڙ ۾ رات واپڊا ملازم اصغر کوسو جو مامو عباس کوسو باء پاس م لاھوتي ھوٽل تي جوابدارن ھٿا بيدردي سان قتل جوابدار قتل ڪري فائرنگ

ميھڙرپورٽر(ميربابا) ميھڙ ۾ رات واپڊا ملازم اصغر کوسو جو مامو عباس کوسو باء پاس م لاھوتي ھوٽل تي جوابدارن ھٿا بيدردي سان قتل جوابدار قتل ڪري فائرنگ ڪندا ھليا ويا  تفصيل موجب  ميهڙ لڳ ڳوٺ دلاور کوسو جي رھواسي رئيس غلام نبيءَ کوسو جي ڀاڻج غلام عباس کوسو جي ٻن پٽن ۽ بئنڪ مئنيجر ڪوڙو کوسو جي پٽن وچ ۾ زرعي زمين ۾ ٿريشر هلائڻ جي مسئلي تي معملي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو زمين تي ھڪ ٻئي سان ٿفا ٿفي ڪرڻ کانپوء ڪوڙي کوسو ٿاڻي تي پھچي عباس کوسو ء ان جي 4 پٽن تي ايف آئي آر داخل ڪرائي ڇڏي .ڪلھ شام ميهڙ باء پاس جي لاهوتي هوٽل تي پوليس اهلڪار نادر کوسو  زرعي بئنڪ جي مئينجر ڪوڙو کوسو جي پٽ بابر کوسو ٻين هٿياربندن سان گڏجي عباس کوسو تي حملو ڪري اڌ ڪلاڪ تائين هوٽل تي جهيڙو ڪري عباس کوسو کي ڌڪ ھڻدا  رھيا بعد ۾ سڌي فائرنگ ڪري عباس کوسو کي پيٽ ۾ گوليون هڻي سخت زخمي ڪري وڌو ۽ هوٽل تي ويٺل پورهيت عاشق نوناري کي بي اوچتو گولي لڳڻ جي ڪري نازڪ اذبي جو اڌ حصو ڪٽجي ويو جيڪو لاڙڪاڻي اسپتال داخل آهي. ٻئي طرف سخت زخمي عباس کوسو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو جتي عباس کوسو زخمن جا سور نه سهندي رات فوت ٿي ويو جنهن جي جنازه نماز ميھڙ لڳ ڳوٺ دلار کوسو ۾ حافظ سائين حبيب الرحمان پڙھائي جنازه نماز ۾ پ پ پ اڳواڻ اڪبر علي کوسو . رئيس شاهنواز چانڊيو . بخاري ھوٽل جو مالڪ سائين فھد شاہ بخاري .رئيس ڀٽو کوسو . گيس آفيسر صالح کوسو . ايڊووڪيٽ شيرعلي چانڊيو ايڊووڪيٽ محمد علي ڪانڌڙو  صحافي علي گل کوسو .صحافي عبدالحميد کوسو ۽ سياسي سماجي ء شھرين ۽ وڏي تعداد ۾ کوسا برادري جي ماڻهن جنازه نماز ۾ شرڪت ڪئي .بعد ۾ سوي آلين اکين سان پھنجي اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو .ان موقعي تي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سان ناحق ٿيو آهي اسان جو نوجوان بنا واجبي قتل ڪيو ويو آهي . اسان سان انصاف ڪيو وڃي پوليس ڪابہ ڪارروائي ناھي ڪئي اڃا ڪيس بہ داخل ناھي ٿيو .

Read Previous

مورو پوليس جو ڳوٺ گجڻ زرداري تي چڙھائي ڪري ٻن نوجوان ڀائرن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ چوديواري جو تقدس پيمال ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو

Read Next

ميھڙ مدرسه اھلبيت سفينہ ۾ مولوي عابد علي عرفاني، شيعه علماء ڪائونسل ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي

Most Popular