لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ثقافت جي حوالي سان سوشل ورڪر سرور سنڌو سومرو طرفان پنهنجي ٽيم سان لائبريري چوڪ وٽ سنڌ جي ثقافت سنڌي اجرڪ جو جهنڊو ڦڙڪائي تقريب منعقد

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ثقافت جي حوالي سان سوشل ورڪر سرور سنڌو سومرو طرفان پنهنجي ٽيم جنسار بوزدار، فدا حسين عباسي ۽ ٻين سان گڏجي شهر جي شاهنواز ڀٽو لائبريري چوڪ وٽ سنڌ جي ثقافت سنڌي اجرڪ جو جهنڊو ڦڙڪائي تقريب منعقد ڪئي وئي. جنهن تقريب ۾ لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر ظفر ابڙو، سينئر صحافي حنيف سهاڳ، خان راجا مگسي، مشتاق تنيو، علي گراماڻي، ڪامران سانگي، عبدالغفار مگسي، منٺار مگسي سميت شهر جي سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بنيادي طرح سنڌ جي ثقافت پيار، محبت، رواداري، سيڪيولر سوچ ۽ عدم تشدد جو اعليٰ مثال آهي، جڏهن ته عام سنڌي ماڻهو صوفي مزاج ۽ امن پسند آهي، سنڌي ماڻهو دنيا ۾ پنھنجي مھمان نوازي جي ڪري مشھور پڻ آھن. هنن چيو ته 6 ڊسمبر ايڪتا جو ڏينهن سنڌ جي ٻين شهر جيان لاڙڪاڻي ۾ به شاندار نموني سان ملهائي سنڌ ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪيو ويندو، جڏهن ته اسان قومي عيد جو ڏينهن ملهائي دنيا کي اهو پيغام ڏيندا آهيون ته سنڌي قوم هزارين سال پرڻي قوم آهي، جيڪا پنهنجي ڌرتي سان بي انتها محبت ڪندي آهي، جڏهن ته سنڌ توڙي لاڙڪاڻي واسين کي گهرجي ته هو 6 ڊسمبر جي ڏينهن پنهنجي گهرن، آفيسن ۽ ڪاروباري مرڪزن تي سنڌي اجرڪ جا جهنڊا لڳائين ته جيئن دنيا کي خبر پئي ته هي سڀ سنڌي هڪ آهن. ان موقعي تي تقريب ۾ آيل معززن پاران سنڌ سميت سموري ملڪ جي خوشحالي ۽ سلامتي لاءِ دعائون گهريون ويون. هوڏانهن تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن کي سماجي ورڪر سرور سنڌو سومرو طرفان سنڌ جي ثقافت ٽوپي جو تحفو پيش ڪيو ويو.

Read Previous

نوشهروفيروز ۾ ٺيڪيدارن جو ايجوڪيشن ورڪس جي عملدارن جي رشوت خوري خلاف احتجاجي مظاهرو

Read Next

مورو پوليس جو ڳوٺ گجڻ زرداري تي چڙھائي ڪري ٻن نوجوان ڀائرن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ چوديواري جو تقدس پيمال ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو

Most Popular