دادو : ڳوٺ قريشي جي بورينگ ۾ مرچن جو چونڊو ڪندڙ ڪڙمين مٿان زهريلي ماکيء جو حملو

دادو ( ڊ ر )دادولڳ  ڳوٺ قريشي جي بورينگ ۾ مرچن جو چونڊو ڪندڙ ڪڙمين مٿان زهريلي ماکيء جو حملو , ڏنگجڻ سبب 40 ٻارڙا, عورتون ۽ مرد بيهوش ٿي ويا جن ۾ ولي محمد ولد جمن رستماڻي ,مير ولد رجب رستماڻي ,سلامت ولد خير محمد عمر 10 سال علي محمد ولد مبارک عمر 27 ساله , صاحبه ڌي علي 8 ساله ,طيب ولد طالب 6  ساله ,ماروي زال محرم , ربيده ڌي محرم , اعجاز ولد نبي بخش 15ساله ,اربيلي زال بخشل ,  مسمات ڪريمان زال حاجي, سعيدان ڌي حاجي ,نويدان ولد حاجي , رفيقان ولد حاجي , گلشنا ولد حاجي , نويد ولد حاجي , انور ولد علي محمد ,بخشل ولد خان محمد,سيمان ڌي حاجي , ضميران زال انور ,دعا ولد ممتاز 7 ساله ,گلان زال ممتاز ,  علم دين ولد علي اصغر ٻٻر , صوفي ولد حيدر عمر 6 . جاويد ولد حيدر 5مسمات شھزادي زال خان محمد سونارو ۽ ٻيا شامل آهن, اهڙو اطلاع تعلقه اسپتال جي ايم ايس زبير احمد پنهور  کي ڏنو ويو ته هڪ ئي وقت سمورن بيهوش ٿيلن کي اسپتال نٿو آڻي سگهجي جنهن ڪري ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي وڃي, جنهن بعد ڊاڪٽرن جي ٽيم ڳوٺ پهچي زهريلي ماکي جي ڏنگجڻ سبب بيهوش ٿيلن جو علاج شروع ڪيو, ڊاڪٽرن موجب سمورن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي ٻئي طرف متاثرين ڳوٺاڻن ميڊيا اڳيان داهيندي زهريلي وڏي ماکي بابت ٻڌايو ته اڄ صبح جو گهر ٻاهران زمين تا مرچن جي فصلن جو چونڊو ڪرڻ لاءِ گهر ڀاتي زمين تي پهچي چونڊو شروع ڪيو ته مرچن جي ٻوڙن ۾ لڪيل زهريلي وڏي ماکي اسان سڀنن تي باقائده حملو شروع ڪري ڏنو جنهن سبب معصوم ٻارڙن عورتن ۾ ڪيھاٽ پئجي ويا موقع تي ڪافي ٻارڙا عورتون زهريلي ڏنگ سبب بي هونش ٿي ويون ڪافي مردن زهريلي ماکي کان پاڻ بچائڻ لاء واٽر شاخ ۽ ڇنڊڻ ۾ ٽپائي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان پاڻ کي بچائي ورتو هنن جو چوڻ هيو ته سالن کان اسان فيلن جي پوکائي بعد لابارا ڪيا ۽ چونڊا به ڪيا اهڙو واقعو پيش ناهي آيو هنن چيو ته اهڙا زهريلا ماکا هئا جو هنن جي ڏنگ هئڻ بعد سڄو جسم ڏڏر جي ۽ ايلرجي ۾,مبتلا ٿي ويو آھي ايترو خوف آھي جو هاڻ مک کان به ڊڄي ٿا وڃون هنن چيو ته تعلقه اسپتال جوهي کي اهڙي  واقع جو بر وقت اطلاع ڏنو جنهن تي  ايم ايس جوهي ايمر جنسي ۾ ڊاڪٽرن ٽيڪنيشنس جي فوري ٽيم رواني ڪئي علاج بعد زهريلي وڏي ماکي جي ڏنگ جو زور ۽ اثر ختم ٿيڻ شروع ٿي ويو ,

Read Previous

دادو: ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر دادو پاران پوليو مهم جو افتتاح

Read Next

سانگهڙ : پروجيڪٽ وومين ليڊر شپ ان پبلڪ لائف ان سنڌ ۾ يو سي جعفر خان لغاري جي ڳوٺ عطا محمد لغاري ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي حوالي سان 16 ڏينهن جي جاگرتا مهم جي سلسلي ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو

Most Popular