سانگهڙ : پروجيڪٽ وومين ليڊر شپ ان پبلڪ لائف ان سنڌ ۾ يو سي جعفر خان لغاري جي ڳوٺ عطا محمد لغاري ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي حوالي سان 16 ڏينهن جي جاگرتا مهم جي سلسلي ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي ( سماجي تنظيم ايم ڊي ايف يورپي يونين ۽ آڪسفيم جي تعاون سان ضلع سانگهڙ ۾ هلندڙ پروجيڪٽ وومين ليڊر شپ ان پبلڪ لائف ان سنڌ ۾ يو سي جعفر خان لغاري جي ڳوٺ عطا محمد لغاري ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي حوالي سان 16 ڏينهن جي جاگرتا مهم جي سلسلي ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ فرينڊس آف وومين امپاورنمٽ گروپ جي ميمبرن ۽ ڳوٺاڻن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. هن موقعي تي مانيٽرنگ آفيسر نويد خيال چيو ته هر سال 25 نومبر کان 10 ڊسمبر تائين عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي حوالي سان جاگرتا مهم شروع ڪئي ويندي آهي هن چيو ته عورتن جي آبادي ڪل آبادي جو اڌ کان وڌيڪ آهي جيڪو زياده تر بنيادي انساني حقن کان محروم آهن جيستائين عورت کي معملات زندگي ۾ اڳيان نه آندو ويندو تيستائين سماج ۾ ترقي ممڪن نه آهي هن وڌيڪ چيو ته عورتن تي گهرو تشدد کان علاوه ڪارو ڪاري ڪري مارڻ جي رسم به عام آهي هن سان گڏوگڏ ڇوڪرين جي جلد شادي ڪرائڻ، عورتن تي تيزاب اڇلائڻ ۽ انهن اغوا ڪري غلط ڪم ڪرائڻ عام آهي . تنوير جمالي چيو ته عورتن ۾ اڳواڻين جو صلاحيتون اجاگر ڪرڻ لاءِ هي پروجيڪٽ شروع ڪيو ويو آهي عورتن جي شموليت کان سواءِ سماج ۽ ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو. گروپ جي نائب صدر  محترمه ڀاڳڀري چيو ته اسان کي پنهنجي حقن جو شعور نه هيو هن پروجيڪٽ جي تحت اڳواڻي جي صلاحيتن ۾  اضافو ٿيو ۽سڀ پاڻ ۾ متحد ٿيا آهيون.  سيمينا ميمڻ چيو ته عورتن کي پنهنجي حقن جي لاءِ اڳتي اچڻو پوندو ۽ پنھنجي مسئلن لاءِ حڪومتي ادارن کي سڄاڳ ڪرڻو پوندو.

Read Previous

دادو : ڳوٺ قريشي جي بورينگ ۾ مرچن جو چونڊو ڪندڙ ڪڙمين مٿان زهريلي ماکيء جو حملو

Read Next

دادو ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر فرخ رضا ملڪ پي ٽي آءِ اڳواڻ انجنئير ظفر علي خان جتوئي رئيس محمد ايوب جتوئي سان گڏ ھٿياربندن ھٿان شھيد ٿيل ماجد علي سومرو جي وارثن سان تعزيت

Most Popular