پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ حمزه جي پيرول ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي

لاهور: شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پيرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. حڪومتي ذريعن موجب صدر مسلم ليگ(ن) شهباز شريف ۽ ان جي پٽ حمزه شهباز جي پيرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. پنجاب جي وڏي وزير ٻنهي اڳواڻن جي پيرول جي مدي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ جي منظوري ڏني آهي.  ان حوالي سان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پيرول تي آزادي جي ڪالهه پنجاب حڪومت کي درخواست ڏني هئي. پر اڃان تائين سرڪاري طور تي اسان کي ناهي ٻڌايو ويو ته واڌ ٿي آهي يا رد ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته شهباز شريف جي امڙ بيگم شميم اختر 22 نومبر تي لنڊن ۾  لاڏاڻو ڪري وئي هئي جنهن کان پوءِ  پنجاب جي گهرو وزارت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي جمعي 27 نومبر تي 5 ڏينهن جي لاءِ پيرول تي آزاد ڪيو هو پر گذريل ڏينهن مسلم ليگ(ن) شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پيرول تي آزادي جي مدي ۾ واڌ جي درخواست ڏني هئي.

Read Previous

سانگهڙ : ايڊز جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان تقريب جو اعتمام ڪيو ويو جنهن ۾ سينيٽر ملڪ امام دين شوقين خاص شرڪت ڪئي

Read Next

نيب جي نوٽيس جي ڪابه قانوني اهميت ناهي، هي پاڻ رشوت وٺندا آهن: مولانا فضل الرحمان

Most Popular