سانگهڙ : ايڊز جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان تقريب جو اعتمام ڪيو ويو جنهن ۾ سينيٽر ملڪ امام دين شوقين خاص شرڪت ڪئي

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي)  ايڊز جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان تقريب جو اعتمام ڪيو ويو جنهن ۾ سينيٽر ملڪ امام دين شوقين خاص شرڪت ڪئي هن موقعي تي ايڊز جي حوالي سان بهترين ڪم ڪرڻ واري اسٽاف ۾ خاص انعام به ورهايا ويا ايڊز پروگرام جي انچارج علي شير ڏاهري ٻڌايو ته هن وقت سانگهڙ ۾ 45 ايڊز جا مريض موجود آهن جن جو علاج ڪيو پيو وڃي ادارو انجيڪشن ذريعي نشو ڪندڙن ۾ سرنج ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪري ٿو هن چيو ته سانگهڙ سول اسپتال ۾ اگر انهن کي وارڊ ٺاهي ڏنو وڃي ته انهن جو اسٽاف سانگهڙ ۾ ئي مريضن جو علاج ڪري سگهي ٿو هن وقت اسين مريضن کي حيدرآباد کڻي ويندا آهيون سينيٽر ملڪ امام دين شوقين فوري طور تي سول اسپتال ۾ وارڊ تعمير ڪرڻ عوام کي ان بيماري کان بچا۽ُ شعور بيدار ڪرڻ ضروري آهي هن جو چوڻ هو ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ عطائي ڊاڪٽر هن مرض جي پکڙجڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن سرڪار کي ان کان بچاء لاءِ فوري قدم کنيا وڃن علاج ڪرائڻ اسان تي فرض آهي شفا ﷲ تعالي جي هٿ ۾ آهي شريف مانڊي وارو انتهائي شريف انسان آهي هن سڄي زندگي شرافت سان گذاري ان جي معامرن کي شفاف طريقي سان ڏسڻ ضروري آهي ملتان جلسي جي باري ۾ هن چيو ته سرڪار پهرين پاڻ ته ايس او پيز تي عملدرآمد ڪري بازار کليل آهن بسن گاڏين ۾ بي پناه رش هوندي آهي جلسي ۾ ته سڀني کي ماسڪ پاتل هئا جلسن سان ڪرونا نٿو ڦهلجي اگر سرڪار سنجيده آهي ته لاڪ ڊائون ڪري اپوزيشن ته سرڪار کي عوامي مسئلن ڏانهن راغب ڪري رهي آهي سنڌ سرڪار اڪثريت سان بڻيل آهي ان کي ڪنهن به طرح جو ڪوبه خطرو نه آهي جڏهن ته وفاقي سرڪار ڪجهه ووٽن سان بڻيل آهي اتي ايوان سان به تبديلي ممڪن آهي حڪومت ڪرائڻ اسانجي اوليت ناهي جيستائين اپوزيشن جي ڳالھ نه ٻڌندا تيستائين ڪم ڪونه هلندو اپوزيشن هميشه سرڪار جو ساٿ ڏنو آهي مگر موجودہ سرڪار سوئي اين آر او تي رڪيل آهي اپوزيشن ته اين آر او عوام لاءِ گهريو پيو وڃي هن جو چوڻ هو ته سنڌ کي اين ايف کان ايوارڊ ملي وڃي ته ان جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ٿي سگهي ٿي جڏهن ته وفاقي حڪومت سابقه حڪومت جو پروجيڪٽ جو افتتاح ڪري رهي آهي انهن هڪ به نئون پروجيڪٽ شروع نه ڪيو آهي گذريل ٻن سالن ۾ قرض وفاق ورتو آهي اهو هڪ ريڪارڊ آهن اپوزيشن جي خواهش نه آهي ته؛ اليڪشن ٿين اين آر او انهن کان ڪا به گهر نٿو ڪري سنڌ والد صوبو آهي جيڪو پنهنجو پورو ٽيڪس وٺي پنهنجي عوام تي خرچ ڪري ٿو هن پروگرام ۾ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه سميت ڪنهن به اعلي آفيسر شرڪت نه ڪئي سينيٽر ملڪ امام دين شوقين سول اسپتال ۽ شهر جي مختلف علائقن جو دورو به ڪيو هن شهر ۾ گندگي تي ميونسپل انتظاميه جي نااهلي تي افسوس جو اظهار ڪيو

Read Previous

دادو ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر فرخ رضا ملڪ پي ٽي آءِ اڳواڻ انجنئير ظفر علي خان جتوئي رئيس محمد ايوب جتوئي سان گڏ ھٿياربندن ھٿان شھيد ٿيل ماجد علي سومرو جي وارثن سان تعزيت

Read Next

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ حمزه جي پيرول ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي

Most Popular