نيب جي نوٽيس جي ڪابه قانوني اهميت ناهي، هي پاڻ رشوت وٺندا آهن: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد:   جي يو آءِ اسلام(جي يو آءِ ف) ۽ اپوزيشن پارٽين جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته جڏهن اسان نيب جهڙي احتسابي اداري کي مڃون ئي نٿا ته ان جي نوٽيس جي ڪابه  قانوني حيثيت نه آهي.  مولانا فضل الرحمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته اسان ته اهڙي احتسابي اداري کي مڃون ئي نٿا ڇو ته هي پاڻ رشوت وٺي رهيا آهن. هن  چيو ته پارٽي ڪارڪنن ۽ ويجهن دوستن کي نيب جا نوٽيس سندس ڪردار ڪشي جي روايتي مهم آهي. نيب جي نوٽيس جي ڪابه قانوني اهميت ناهي. اهڙن نفسياتي هٿڪنڊن سان ڊڄڻ وارا ناهيون. انشاءَالله منزل تي پهچي ئي ساهه کڻنداسين.  جي يو آءِ(ف) جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته شهرين  جي بنيادي حقن ۽ جمهوري آزادي جو تحفظ ڪرڻ سياسي قيادت جي اولين ذميواري آهي ۽ دنيا جي ڪابه طاقت اسان کي  پنهنجي مشن کي مڪمل ڪرڻ کان روڪي نٿي سگهي.

Read Previous

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ حمزه جي پيرول ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي

Read Next

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوازشريف کي العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو

Most Popular