نواز شريف ۽ آصف زرداري کي ٽيهه سالن کان سڃاڻان ٿو سندن مٿان الله جو عذاب آيل آهي: وزيراعظم

عمران خان

گلگت:    وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوازشريف ۽ آصف زرداري کي 30 سالن کان سڃاڻان ٿو. ان تي عذاب ايندي ڏسي رهيو آهيان ۽ اهو اسان جي لاءِ عبرت جوڳو آهي. رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي گلگت بلتستان پهتو جتي هن گلگت بلتستان جي نئين چونڊيل ڪابينه جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪئي.  گورنر گلگت بلتستان نئين چونڊيل ڪابينه جي ميمبرن کان حلف ورتو. حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته گلگت بلتستان جي حڪومت نيون روايتون قائم ڪندو. ڪوبه وزيراعظم ناهي جنهن مون کان وڌيڪ هن علائقي کي ڏٺو هجي. هتان جي سمورن مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهيان. جنهن رستي تي گلگت بلتستان کي وجهنداسين اتان جي عوام جي زندگي بدلجي ويندي. صوبائي اسٽيٽس تي فوري طور تي ڪم ڪنداسين ته جيئن احساس محرومي ختم ٿي ويندي. نئين سيٽ اپ تي تفصيل سان ڪم ڪيو ويندو. ڪميٽي ويهارينداسين. وزيراعظم عمران خان چيو ته گلگت بلتستان جي پراجيڪٽس جو هتي جي عوام پاڻ فيصلو ڪندي. گلگت بلتستان ۾ احساس پروگرام کڻي اچي رهيا آهيون. في خاندان 10 لک روپين تائين علاج ڪرائي سگهجي ٿو. جڏهن ته  گلگت بلتستان ۾ سياحت تي زور ڏئي رهيا آهيون. سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ سستو قرض ڏينداسين.  وزيراعظم چيو ته ڪنهن کي ڪهڙي خبر هئي ته پاناما مان هنن جا محل سامهون اچي ويندا. چوري لڪندي ناهي هڪ ڪوڙ کي لڪائڻ جي لاءِ 100 ڪوڙ ڳالهائڻا پوندا آهن. هن پئسي جو ڪهڙو فائدو جيڪو اوهان جو ۽ اوهان جي اولاد جي تباهي ڪندو هجي. نوازشريف ۽ آصف زرداري کي 30 سالن کان سڃاڻان ٿو. انهن  مٿان عذاب ايندي ڏسي رهيو آهيان ۽  اهو اسان جي لاءِ عبرتناڪ آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته هنن جي ٻارن کي به ڪوڙ ڳالهائڻو پئجي رهيو آهي. ڪورونا ۾ ماڻهو مري رهيا آهن پر پي ڊي ايم ڪمپين ڪري رهي آهي.  ڪورونا سبب فوتگيون ٿي رهيون آهن پر هي جلسا ڪري رهيا آهن. چوري بچائڻ جي لاءِ جلسا ڪيا پيا وڃن. حرام جو پئسو انسان کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي. سمورين بيمارين جي جڙ ذهني دٻاءُ آهي. جيڪڏهن اوهان کي ذهني دٻاءُ ڏسڻو آهي ته ڪالهه اڳوڻي ناڻي واري وزير جي شڪل ڏسي وٺو ها.

Read Previous

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوازشريف کي العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو

Read Next

وفاق جي درخواست تي نئين آءِ جي سنڌ جي مقرري لاءِ پنج نالا اماڻي ڇڏيا آهن: مراد علي شاهه

Most Popular