وفاق جي درخواست تي نئين آءِ جي سنڌ جي مقرري لاءِ پنج نالا اماڻي ڇڏيا آهن: مراد علي شاهه

ڪراچي:   سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وفات جي درخواست تي  سنڌ جي آءِ جي جا 5 نالا اماڻي ڇڏيا آهن ۽ اميد آهي ته انهن نالن مان سنڌ جو آءِ جي مقرر ڪيو ويندو. مقامي هوٽل ۾  عورتن جي ڏهاڙي جي حوالي سان  ڪوٺايل تقريب جو بندوبست ڪيو ويو هو. تقريب ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ عورتن شرڪت ڪئي. جڏهن ته تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.  تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته شهيد بينظير ڀٽو هن پروگرام کي شروع ڪيو هو. هن عورتن کي معاشي طور تي مضبوط ڪرڻ چاهيو ٿي.  سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ان موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته بلاول ڀٽو سڀاڻي نيب ۾ پيش ٿي رهيو آهي ۽ هو ڪوڙن ڪيسن جو جواب ڏيندو. هن چيو ته آءِ جي جا نالا وفاق کي ڏنا ويا آهن اميد ڪريون ٿا ته ان 5 نالن مان آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو ويندو.

Read Previous

نواز شريف ۽ آصف زرداري کي ٽيهه سالن کان سڃاڻان ٿو سندن مٿان الله جو عذاب آيل آهي: وزيراعظم

Read Next

برطانيه ڪورونا ويڪسين استعمال ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Most Popular