سجاول جي احساس ڪفالت پروگرام ۾ عورتن جو ھجوم ٿيڻ لڳو.ايندڙ عورتن کان ايجنٽ ۽ پوليس اھلڪار سينٽر ۾ داخل ٿيڻ جا 500 روپيا وٺڻ لڳا آھن

سجاول:(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري)سجاول جي احساس ڪفالت پروگرام ۾ عورتن جو ھجوم ٿيڻ لڳو.ايندڙ عورتن کان ايجنٽ ۽ پوليس اھلڪار سينٽر ۾ داخل ٿيڻ جا 500 روپيا وٺڻ لڳا آھن.جڏھن ته ايجنٽن طرفان ھڪ ھزار روپيا ڪٽوتي وارو عمل پڻ شروع ٿي ويو آھي.پوليس انتظام سنڀالڻ ۾ ناڪام ٿي وئي.ضلعي انتظاميه پاران ايس او پي کي نظرانداز ڪيو ويو.جنھن سبب ڪورونا وائرس پکرجڻ جو خدشو پڻ ظاھر ٿي ويو آھي.خبر موجب:وفاقي حڪومت پاران مستحق ماڻھن جي امداد لاء شروع ڪيل احساس ڪفالت پروگرام ۾ ايندڙ عورتن کان پنج سئو کان ھزار روپيا ڪٽوتي ٿيڻ لڳي آھي.سجاول ضلعي جي مخلتف شھرن،سجاول،چوھڙجمالي،ميرپوربٺورو ۾ شروع ڪيل احساس ڪفالت پروگرام ۾ سھولتون نه ملي سگھون.ايندڙ عورتن کان ايجنٽ ۽ پوليس اھلڪار انٽري جا 500 روپيا رشوت وٺڻ لڳا آھن.عورتن داھيندي چيو ته پوليس اھلڪار ۽ ايجنٽ اسان کي داخلا جا 500 روپيا وٺي رھيا آھن.۽ اسان کي رقم پوري نه ڏني پئي وڃي.انتظاميه پاران سينٽر تي ڪابه سھولت نه ڏني وئي آھي.ھوڏانھن سينٽر ٻاھران سوين عورتن ۽ ماڻھن جو ھجوم رھي ٿو جنھن سبب ڪورونا وائرس پکرجڻ جو پڻ خدشو ظاھر ٿي چڪو آھي.ھوڏانھن ڪٽوتي سبب عورتون ڌيوارن تان ٽپي پئسا وٺڻ لڳيون آھن.جنھن سبب عورتن جي تذليل ٿيڻ لڳي آھي.

Read Previous

عورت نه کدڙو فقير آهيان: مشهور اداڪارا ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

Read Next

ڪاپي ڪلچر واري صحافت ء مسلسل هلڻ کان پوء ٿڪجي پيل صحافي

Most Popular