ڪاپي ڪلچر واري صحافت ء مسلسل هلڻ کان پوء ٿڪجي پيل صحافي

ڪالم
دلبر شاهد
هي دور عجيب دور اچي ويو آهي اڳي ڪاپي بڪن ڪتابن تان ٿيندي هئي هاڻي وري جديد دور جي مناسبت سان جديد ڪاپي شاگرد امتحان پاس ڪرڻ لاء ڪالھ به ڪاپي ڪن ٿا اڄ به جڏا شاگرد ء نه محنت ڪرڻ وارا ڪاپي ڪري محنتين کي به مات ڏين ٿا اهڙي طرح هيئنر صحافت جو به ٻيڙو ٻڏل ٿا ڏسئو خبر ٺاھڻ بجانء ڪاپي ڪرڻ صرف منڍ م پنهنجو نالو چيئنج ڪري پرائي خبر موڪلڻ ء جنهن صحافي کي لکڻ ڀل نه اچي پر پنهنجو نالو لکي چيئنج ڪرڻ اچي ادو صحافي مڪمل پرائي خبرن تي هلي هلي ادارن جا به چڱا مڙس ٿيو وڃن ء اداري م ميمبر ڪري انکان مڪمل فائل ٺهرائي اخبارن م خبر موڪلڻ ٺٺ ٺاهنور واري زندگي گذارڻ هي ته ٿي وئي ڪاپي هاڻي صحافت واري ڪاپي مان نقصان هڪ ته ڪاپي ڪندڙ صحافي کي خبر لکڻ ڪونه ايندي ٻيو ٻئي جي لکيل خبر موقف غلط به ٿي سگهي ٿو ء ان جو نقصان اداري سان گڏ ان صحافي کي به ٿي سگهي ٿو ادارو ته عدالتن جا چڪر ڪٽيندو ئي پر ڪاپي وارو صحافي به ان سان گڏ لوڙيندو هن دور م ڪاپي ڪلچر واري صحافت سمجھ کان ٻاهر آهي اصل م خبر پوء ٺھندي آ جڏهن اختلاف رکندڙ جهيڙي ڪندڙ سان جيڪي ٻئي ڌر آهي ان جو به موقف وٺجي پر اڄ ڪلھ جي خبر جهنڊو کڻي ڪنهن جي خلاف بيھ ته اها خبر لکندو هڪڙو ته وري لڳندي سڀني اخبارن م سو منهنجي لکڻ جو مقصد اهو آهي ته مزو تڏهن آهي جڏهن صحافت مان ڪاپي ڪلچر ختم ٿئي ء حقيقي خبر اخبارن جي زينت بڻجي پر اڄ اها ڳالھ ناممڪن آهي ڇوجو ادارن م ويٺل به بس ڪم پيا هلائن قلم جنهن جيئن وٺي تيئن پيو استعمال ڪري ٿو اگر ڪنهن اخبار م خبر پڙه ته خبر ساڳي هوندي يعني ڪاپي ڪلچر واري ڪا چيئنجنگ ڪونه هوندي جنهن جي خلاف خبر هوندي انجو موقف ئي ڪونه هوندو ڇوجو صحافي ڪٿان تيل جا پئسا آڻي اڳين ڌر جو موقف وٺي انڪري ڪاپي ڪلچر کي هٿي ملي ٿي ء موقف به هڪ ڌريو هلي ٿو خبر جي تھ تائين پهچڻ جي ڪوشش صحافي ڪري ئي نٿو فارووڊ ٿيل فيس بوڪ تان ڪاپي ٿيل خبر اداري ڏانهن موڪلي جان ڇڏايون ويٺو آهي ء گهر ويٺي خبرون ملڻ سبب ڪاپي ڪلچر کي وڌيڪ اهميت ڏيندي پنهنجي صحافت کي هلائي ٿو

Read Previous

سجاول جي احساس ڪفالت پروگرام ۾ عورتن جو ھجوم ٿيڻ لڳو.ايندڙ عورتن کان ايجنٽ ۽ پوليس اھلڪار سينٽر ۾ داخل ٿيڻ جا 500 روپيا وٺڻ لڳا آھن

Read Next

هڪ مهينو گذرڻ باوجود لائيو اسٽاڪ هسسبنڊري ڪنڊي فارم روهڙي مان ناياب نسل جون چوري ٿيل سرڪاري مينهون واپس نه ٿي

Most Popular