هڪ مهينو گذرڻ باوجود لائيو اسٽاڪ هسسبنڊري ڪنڊي فارم روهڙي مان ناياب نسل جون چوري ٿيل سرڪاري مينهون واپس نه ٿي

سکر ( رپورٽ.امداد علي گل ڪلوڙ ) هڪ مهينو گذرڻ باوجود لائيو اسٽاڪ هسسبنڊري ڪنڊي فارم روهڙي مان ناياب نسل جون چوري ٿيل سرڪاري مينهون واپس نه ٿي سگهيون سماجي اڳواڻن سپرينڊنٽ کي هٽائڻ جو مطالبو ۽ چوري ٿيل مينهون واپس ڪرائڻ جي گهر ڪئي ان حوالي روهڙي لڳ لائيو اسٽاڪ هسبنڊري ڪنڊي فارم روهڙيء مان هڪ مهينو اڳ ناياب نسل جون ۽ ڏھ کان ٻارنهن ڪلو کير ڏيندڙ ڀلوڙ مينهون سرڪاري فارم مان چوري ٿي ويون هيون جڏهن ته هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس توڙي آفيس سپرينڊنٽ واپس ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آھن ذريعن مان معلوم ٿيو آھي ته سرڪاري مينهون چوري ڪرائڻ ۾ آفيس سپرينڊٽ ملوث آھي جنهن جي ڪري چوري ٿيل مينهن جي واپسيءلاء ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي آھي نه ئي جهانگهڙو ٿاڻي پوليس مٿانپريشر ڏياريو آھي آفيس ذريعن مطابق آفيس سپرينڊنٽ اسٽاف جي انهن ئي ملازمن تي هٿ رکيو آھي جنهن هميشه فارم مان جانور توڙي سامان چوري ڪرايو آھي ۽ مٿي ڄاڻايل مينهون به سپرينڊنٽ جي ويجها سمهجا ويندڙ ملازمن ئي چوري ڪرايون آھن جنهن جي ڪري آفيس سپرينڊنٽ خاموش آھي ۽ پوليس کان به مدد وٺڻ لاء تيار نه آھي صرف ئي صرف چوري ٿيل مينهن جي اين سي داخل ڪرائي خاموش ٿي ويهي رهيو آھي تصديق شده ذريعن  مان معلوم ٿيو آھي ته سرڪاري مڇي جا فارم به پنهنجي من پسند ماڻھن کي ڳري رقم عيوض ٺيڪو ڏئي رقم هڙپ ڪري ڇڏي آھي ۽ سرڪاري فارم مان کير پنهنجي مرضيء مطابق کڻي پنهنجي دوستن توڙي واٺن کي ڏيندو آھي ۽ ملازمن تي خواه مخواه پريشان ڪندو آھي هوڏانهن اينٽي ڪرپشن سکر جي عملدارن کي به هر مهيني تحفا توڙي رقم جي دعوا ڪندو آھي سماجي اڳواڻن اعلي اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو ته سرڪاري ڪنڊي فارم مان ناياب نسل جون مينهون چوري ڪرائڻ توڙي سرڪاري مڇي ها فارمن جي رقم هڙپ ڪندڙ ۽ کير ۾ خرد برد ڪرڻ ۾ ملوث آفيس سپرينڊنٽ کي هٽائي ايماندار آفيس سپرينڊنٽ کي مقرر ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ اينٽي ڪرپشن آفيس ٻاهران ڌرڻو هنيو ويندو!

Read Previous

ڪاپي ڪلچر واري صحافت ء مسلسل هلڻ کان پوء ٿڪجي پيل صحافي

Read Next

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ناليواري ناول نگارڪهاڻيڪار صحافي زاهد راڄپر جي 46 هين سالگرهه جي تقريب

Most Popular