سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ناليواري ناول نگارڪهاڻيڪار صحافي زاهد راڄپر جي 46 هين سالگرهه جي تقريب

نوشهروفيروز( ڊ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ناليواري ناول نگارڪهاڻيڪار صحافي زاهد راڄپر جي 46 هين سالگرهه جي تقريب پريس ڪلب نوشهروفيروز۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهروفيروزپاران پريس ڪلب جي صدر يونس راڄپر،سنڌي ادبي سنگت جي ضلع رابطا سيڪريٽري مظهرخاصخيلي، زاهد قائمخاني،غلام مرتضيٰ تڳر،راڻاشيرمحمد،شاهد سومرو، غلام مصطفيٰ تڳر،قاسم اسراڻ،قاضي ذوالفقار،محبوب ڪلهوڙو،شاهد چنه،سيد مختيار علي شاهه،پيرشمس الدين،سڪندرجروار،ارباب ملاح،فقيرميهرعلي بيهڻ،وقارعلي راڄپر،ساجد جويو،فريدخانزاده،عقيل خانزاده،فرازمستوئي ،لطيف ڀٽي ۽ ٻين ڪيڪ ڪٽيو تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻ چيو ته زاهد راڄپر جا ناول سنڌ اندر نوجوان شوق سان پڙهن ٿا اهوئي سبب آهي. جو سندس ناول ڪوجوڪهرڪلاچ ۾ ٻه دفعا ڇپجڻ جي باوجود مارڪيٽ ۾ نٿو ملي ۽ سندس ناول تمام گهڻي مقبوليت ماڻي آهي جڏهن ته  صحافت جي دنيا ۾ زاهدراڄپر صرف سنڌ اندرنه پر پوري ملڪ اندرڄاتو سڃاتو وڃي ٿو هن 46 سالن جي عمر ۾ جيڪا جاکوڙ ڪئي آهي .ان کي شاهه لطيف جي سرکاهوڙي سان ڀيٽا ڏجي ته ڪنهن قسم جو وڌاءُ نه ٿيندو

Read Previous

هڪ مهينو گذرڻ باوجود لائيو اسٽاڪ هسسبنڊري ڪنڊي فارم روهڙي مان ناياب نسل جون چوري ٿيل سرڪاري مينهون واپس نه ٿي

Read Next

مهراڻ ادبي ۽ ثقافتي فورم سنڌ جي سيڪريٽري جنرل نورمحمد تنيو سکر پريس ڪلب ۾ ياڊووڪيٽ ھادي بخش ڀٽ سان گڏ پريس ڪانفرنس

Most Popular