مهراڻ ادبي ۽ ثقافتي فورم سنڌ جي سيڪريٽري جنرل نورمحمد تنيو سکر پريس ڪلب ۾ ياڊووڪيٽ ھادي بخش ڀٽ سان گڏ پريس ڪانفرنس

سکر( رپورٽ.امداد علي گل ڪلوڙ) مهراڻ ادبي ۽ ثقافتي فورم سنڌ جي سيڪريٽري جنرل نورمحمد تنيو سکر پريس ڪلب ۾ پروفيسر ساجد سومرو۔پروفيسر صنم سنڌو ڀنڀرو۽ ياڊووڪيٽ ھادي بخش ڀٽ سان گڏ پريس   ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته دنيان جي مختلف ملڪن ڪيترن ئي شعبن سان تعلق رکندڙ تعليمي ادارا، تجربي گاهون ۽ لائبريريون وغيره ٺاهيون آهن, جيڪي هر طرح جي جديد کان جديد تر سهولتن سان آراستا آهن ايتري تائين جو علم کي فروغ ڏيڻ لاءِ بسن،ٽرينن ۽ ٻين گاڏين ۾ سفرڪندڙن لاءِ به لائبريرين جون سهولتون ميسر ڪيون ويون آهن. بس اسٽاپن،ٽرين اسٽيشنن ،جهازن جي ايئرپورٽن چونڪن ۽ چوراهن تي پڻ اعليٰ معيار جون لائبريريون قائم ڪيل آهن ۽ اهوئي سبب آهي جو انهن ملڪن ۽ قومن زندگي جي هرشعبي ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. ان جي ڀيٽ ۾ هتي جي حڪومتن هڪ ته اهڙا ادارا جيڪي هن دوُر جي گهرجن ۽ تقاضائن موجب هجن جوڙيا ئي ناهن پر جيڪڏهن  غير معياري ۽ نالي ماتر ڪي جوڙيا به آهن ته انتظامي بي ڌياني سياسي نااهلي ۽ ڪرپشن جو اهڙو ته شڪار ٿيا آهن جو اهڙو مثال دنيان ۾ ملڻ مشڪل آهي.پرائمري اسڪولن کان ويندي جملي يونيورسٽيون ۽ سنڌي ادبي بورڊ کان ويندي سچل چيئر،لطيف چيئر، روضي ڌڻي چئير سميت سمورا تحقيقي ۽ رسرچ جا ادارا ان ڏس ۾ ڳڻائي سگهجن ٿا. اهڙو فرق اسان کي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ته سنڌ ۾ ته ملندو ئي پر جيڪڏهن  سنڌ ۽ پنجاب يا ڪي پي ڪي ۽ سنڌ جي ڀيٽ ڪبي تڏهن به سنڌ تعليم جي حوالي سان گهڻو پٺتي پيل نظر ايندي. ايتري تائين جو اوائلي انساني تاريخ جو ڏس ڏيندڙ عظيم ورثو ۽ شاهڪار موهن جو دڙو، رني ڪوٽ، ڪوٽڏجي قلعو، چانهون  جو دڙو، لاکين جو دڙو، مڪلي جي ٽڪري، ديبل بندر ۽ ٻيا قديم ماڳ هڪ طرف حڪومتي بي ڌياني ۽ مجرماڻي غفلت سبب برساتن ،سم ۽ ڪلر ڪري تباه ٿي رهيا آهن ته ٻئي طرف انهن جي حفاظت لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ نه ٿا ورتا وڃن جو انهن جي ايراضين تي قبضا ڪري ماڳن کي ميساريو پيو وڃي.اتان هٿ آيل قيميتي نوادرات، مهرون ۽ ٻيو قيمتي تاريخي سامان رٿابندي تحت وقت به وقت چوري ٿيندو رهيو آهي، جنهن جي اڄ تائين نه جانچ ٿي آهي نه سامان واپس ٿيو آهي جنهن ۾ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت برابر جي شريڪ آهي سنڌ ۾ سرڪاري سطح جو تعليمي نظام انتهائي حد تائين تباه حالي جو شڪار آهي جنهن جو سبب ڪرپشن آهي ۽ انهي ڪرپشن زندگي جي هر شعبي کي برباد ڪيو آهي.اڄ سکر پريس ڪلب تي ”مهراڻ ادبي ۽ ثقافتي فورم سنڌ“ جا ساٿي گڏجي صحافي سٿ ۽ ميڊيا جي توسل سان سنڌ شاگردن، والدين، استادن ،علم،ادب، ثقافت ۽ تهذيب وتمدن سان چاهه رکندڙن ۽ سمورن باشعور سنڌين اڳيان واضح ٿا ڪريون ته اسان ”مهراڻ ادبي ۽ ثقافتي فورم سنڌ “ طرفان هڪ عاليشان”نيشنل ڪلچرل هسٽاريڪل ايجوڪيشن انسٽيٽيوٽ“ رسول آباد تعلقي صوڀوديرو ضلع خيرپور ۾ جتي ٽن ضلعن خيرپور ميرس، نوشهرو فيروز ۽ دريا تي پل ٺهڻ ڪري لاڙڪاڻو جو زيرو پوائيٽ تي آهي اُتي قائم ڪرڻ چاهيون ٿا. جنهن لاءِ اسان مسلسل ٻن سالن  تائين سنڌ جي يونيورسٽن جي پروفيسرس،ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي اسڪالرس، انٽليڪچوئلس، آرٽسٽ ساٿين ۽ ڊاڪيومينٽريز جوڙڻ وارن ساٿين سان ملي، رابطا ڪري گڏيل شعوري اتحاد جوڙي هن اداري جي رٿا کي مڪمل ڪيو آھي  ”مهراڻ ميوزيم ۽ لائبريري“ هڪ مڪمل تعليمي ادارو هوندو جتي پرائمري کان وٺي يونيورسٽي جا شاگرد حقيقي بنيادن تي اسٽڊي ٽوئر ڪري سگهندا. جتي هڪ گيٽ کان داخل ٿي جڏهن ٻي گيٽ کان نڪرندا ته انهن وٽ سنڌ شناسي ۽ لطيف شناستي جو ڪيترو ئي سامان مختلف صورتن ۾ ميسر هوندو. جتي اسان هن اداري ۾ شاهه لطيف کان سچل سرمست تائين، دودي سومري کان سورهه بادشاه تائين،مها راجا ڏاهر کان ڪنور ڀڳت تائين، شيخ اياز کان استاد بخاري ۽ راشد مورائي تائين، پنهنجي قومي راند ملھ جي وڏي رانديگر۔ شير ميربحر کان اقبال جوڳيءَ تائين سنڌ جي سمورن سرجڻهارن جن ڏات، ڏاهپ، جدوجهد ۽ قربانين سان سنڌ جي سينڌ کي پئي سنواريو آهي ۽ جيجل سنڌ جي چانڊاڻن ۽ مانڊاڻن کي زنده جاويد رکيو، انهن سمورن عظيم ڪردارن جا مجسما جوڙي اداري ۾ رکيا ويندا ۽ ”مهراڻ ميوزيم ۽ لائبريري“ جي تاريخي بلنڊنگ کي سنڌ جي مختلف ثقافتي رنگن سان سنگاريو ويندو.شاهه لطيف ۽ ٻين سنڌ جي شاعرن جي بيتن جا سهڻا پورٽريٽ پوري عمارت ۾لڳائڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي عظيم ڪردارن جا ڪارنر ٺاهي سندن جي زندگي تي ڇپيل توڙي اڻ چپيل مواد گڏ ڪري رکيوويندو. ان کان علاوه سنڌ جي مهان ڪردارن سان گڏ موهن جودڙو، رني ڪوٽ، ڪوٽڏجي قلعو. مڪليءَ جو ماڳ ۽ پين تاريخي ماڳن سميت تصوف، ثقافت، تهذيب وتمدن، ٻولي، تاريخي روايات، مذهبن جي ارتقا، سنڌ جي مختلف دوُرن، لطيفيات، آرٽ، سائنس، اخلاقات ۽ ٻين اهم موضوعن تي ڊاڪيومينٽريزجوڙي انهن کي پروجيڪٽرتي”مهراڻ ميوزيم لائبريري“ جي آڊيٽوريم هال ۾ هروقت هلايو ويندو. مهراڻ ميوزيم ۽ لائبريري ۾ بئنسري ۽ چنگ کان ويندي رهبر لطيف جي تنبوري تائين سنڌ جي سمورن قديم ۽ جديد سازن جا ماڊل پڻ رکيا ويندا. اهڙي مرڪزي لائبريري قائم ڪئي ويندي جتي مختلف سبجيڪٽس جي رسرچ اسڪالرس لاءِ ڪتابي مواد سهيڙيو ويندو.  اسان پنهنجي شاگردن ۽ ايندڙ نسل کي اهڙو مڪمل جديد ۽ سائنسي بنيادن تي ٺهيل ادارو ڏيڻ چاهيون ٿا جتي مجسمن، پورٽريٽ، وڊيوز، ڊاڪيومينٽريز، انٽرويوز، ليڪچرس، ڪتابن ۽ ٻين ڪيترن ئي صورتن ۽ رخن ۾ پنهنجي شاگردن ۽ نئين نسل کي ڄاڻ ڏيڻ چاهيون ٿا، جتي هو ڄاڻي سگهن ته سنڌ ڪيتري عظيم آهي سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت ڪيتري شاندار آهي جتي سنڌ جي مهان هيروز کان واقف ٿي سگهن، جتي ماضي ۽ حال جي سمجهڻ کان پوءِ  مستبقل جو تعين ڪري تعميري ۽ تخليقي  ڪردار ادا ڪري سگهن. انتهائي افسوس سان اهو چوڻو ٿو پوي ته هتي پرائمري کان وٺي يونيورسٽي تائين تعليمي نصاب ۾ سنڌ جي ثقافت تهذيب، تاريخي ماڳن، سنڌ جي عظيم ۽ مهان هيرن لطيف ۽ سچل جي بقاءِ باهمي،اتحاد انساني ۽ ترقي بني آدم واري آفاقي فڪر ۽ فلسفي کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو ڪو به  مضمون ۽ مواد شامل ناهي.  نتيجي ۾ سنڌ اندر مذهبي انتهاپسندي، فرقاواريت ۽ نفرت ڏيهون ڏينهن شدت اختيار ڪري رهي آهي اسان جا عام ماڻهون ۽ شاگرد غير مانوس رهجي ويا آهن مٿي ڄاڻايل علمن ۽ شين کان، روايتي انداز ۾ لطيف ۽ سچل تي صرف قل پڙهي واپس ورن ٿا ۽ ائين ئي موهن جو دڙو ۽ ٻين ماڳن کي بس لتاڙي موٽي اچن ٿا، اتي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو ڪوبه ذريعو ميسر ناهي. ان لاءِ ڀٽائي جي هن ڀونءِ جي ازلي ۽ تاريخي ورثي  جي وارثي جو حق اسان سڀ پنهنجو اخلاقي شعوري ۽ قومي فرض ڄاڻندي رضا ڪارانا بنيادن تي ادا ڪرڻ چاهيون ٿا ان لاءِ اسان سمجهون ٿا ته اگر گڏيل باهمي تعاون، مستقل مزاجي ۽ اجتماعي سهڪار سان اهڙي اهم ۽ قومي فريضي جي ادائگي سرانجام ڏبي ته ان جا نتيجا انتهائي مثبت، غيرمعمولي، يقيني ۽ ديرپا هوندا۽ سيڪريٽري ثقافت سميت ڪمشنر سکر ڊويزن سان به ملنداسين اتر سنڌ ۾ سنڌ جي وڏي تاريخي ورثا آھن ان لاء اتر سنڌ ۾ تاريخي ميوزم هجڻ ضروري آھي ۔

Read Previous

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ناليواري ناول نگارڪهاڻيڪار صحافي زاهد راڄپر جي 46 هين سالگرهه جي تقريب

Read Next

راڻيپور ۾ ٽائون ڪاميٽي جي ڪچن ۽ رٽائرڊ ملازمن کي چار مهينن جي پگهار نه ملي جنهن خلاف 72ڪلاڪن جي شروع ڪيل علامتي بک هڙتال جاري ٽائون انتظاميه خلاف سخت نعريبازي

Most Popular