راڻيپور ۾ ٽائون ڪاميٽي جي ڪچن ۽ رٽائرڊ ملازمن کي چار مهينن جي پگهار نه ملي جنهن خلاف 72ڪلاڪن جي شروع ڪيل علامتي بک هڙتال جاري ٽائون انتظاميه خلاف سخت نعريبازي

راڻيپور ۾ ٽائون ڪاميٽي جي ڪچن ۽ رٽائرڊ ملازمن کي چار مهينن جي پگهار نه ملي جنهن خلاف 72ڪلاڪن جي شروع ڪيل علامتي بک هڙتال جاري ٽائون انتظاميه خلاف سخت نعريبازي  رپورٽ موجب:راڻيپور ۾ ٽائون ڪاميٽي جي ڪچن ۽ رٽائرڊ ملازمن جي 72ڪلاڪن واري شروع ڪيل علامتي بک هڙتال جاري آهي جڏهن ته ٻئي ڏينهن به الطاف عباسي,شهمير شيخ ,ارفاق مسيح,محمد حسن سولنگي جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال جاري هئي انهئ موقعي تي بک هڙتالي ملازمن چيو ته رٽائرڊ ۽ ڪچن ملازمن کي چار مهينن کان پگهار ناهي ملي جن جا ٻچا فاقاڪشي ڪري رهيا آهن انتظاميه پگهار ڏيڻ جا صرف ڪوڙا دلاسا ڏيندي رهي آهي جڏهن ته اهڙو احتجاج پاڪ ڪتاب هٿن ۾ کڻي  ۽ معصوم ٻچڙن کي بازار ۾ وڪرو ڪرڻ جا سرعام هوڪا ڏيڻ کان علاوه مختلف هربن ۽ طريقن جا سخت احتجاج ڪري چڪا آهيون پر انتظاميه جي ڪن تي ئي جوء نٿي چري حد جي پ پ  ايم اين اي سيد جاويد شاه ,ايم پي اي سيد پيار علي شاه ,اڳيان به دانهون ڪيون آهن پر ڪنهن به چونڊيل ميمبر اسانجي دانهن جي داد رسي نه ڪئي آهي هوڏانهن بک هڙتالي ڪئمپ تي سياسي سماجي اڳواڻن پهچي کين حمايت جو يقين ڏياريو جنهن ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ,پنهل ساريو,سجاد سولنگي ,ذاڪر سولنگي ,اعجاز عباسي,افضل جوڻيجو ۽ ٻين انٽرنيشنل پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن سان ناحق ۽ ناانصافي ٿي رهي آهي سڄو شهر گندگي جي ور چڙهيل آهي پر انتظاميه بي حسي  ۽ ڏاڍ جو مظاهرو ڪري رهي آهي جنهن عمل جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿان جڏهن ته مسلسل علامتي بک هڙتال تي ويهڻ سبب ٻن ملازمن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي هئي متاثر ملازمن وزير اعلئ سنڌ , صوبائي وزير بلديات ,ڪمشنر سکر ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو فوري طور نوٽيس وٺي ملازمن جون حياتيون بچائڻ سان گڏ کين انصاف ڏياريو وڃي

Read Previous

مهراڻ ادبي ۽ ثقافتي فورم سنڌ جي سيڪريٽري جنرل نورمحمد تنيو سکر پريس ڪلب ۾ ياڊووڪيٽ ھادي بخش ڀٽ سان گڏ پريس ڪانفرنس

Read Next

خيرپور : گهر بچايو واهر ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي 50 سال پراڻا ٺهيل غريبن جا گهر ڊاهڻ بند ڪيو

Most Popular