خيرپور : گهر بچايو واهر ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي 50 سال پراڻا ٺهيل غريبن جا گهر ڊاهڻ بند ڪيو

خيرپور (رپورٽ: رانجهن شيخ ) گهر بچايو واهر ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي 50 سال پراڻا ٺهيل غريبن جا گهر ڊاهڻ بند ڪيو، عدالتن کي بي گهر ٿيل پورهتين لاءِ متبادل ڏيڻ گهرجي، واري ڳوٺ جي رهواسين جو احتجاج. خبر موجب خيرپور جي واري ڳوٺ جي رهواسين عابد علي ڦلپوٽو، غلام نبي سيال، عبدالغفار ڦلپوٽو ۽ ٻين سنڌ هاءِ ڪورٽ جي قبضن هٽائڻ واري حڪم جي آڙ ۾ غريبن جا گهر بنا جواز ڊاهڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين اخبار وارن آڏو دانهيندي ٻڌايو ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ابن ڏاڏن کان گهر ٺاهيل آهن، اسين مسڪين، غريب پورهيت آهيون، زندگي ڀر جي جمع پونجي سان تعمير ٿيل گهر عدالت جي حڪم تي ڊاهي پٽ ڪيا پيا وڃن،  هنن چيو ته عدالتون اسان جي لاءِ محترم آهن پر عدالتن پاران بي گهر ٿيل غريبن کي سرڪاري پلاٽ يا بينظير بستي ۾ گهر ڏنا وڃن، هنن چيو ته برسات يا حادثي ۾ بي گهر ٿيلن جي مالي مدد ڪئي ويندي آهي، پر هن ڀيري بي گهر ٿيلن غريبن لاءِ متبادل به نٿو ڏنو وڃي، هنن چيو ته آبپاشي کاتو ۽ ضلعي انتظاميا ٻٽو معيار رکندي غريبن لاءِ هڪ ته بااثرن لاءِ ٻيو قانون ٺاهي ڇڏيو آهي، هنن ٻڌايو ته اڪثر علائقن ۾ 45 فٽ ڪئنال جي ڀرسان واري ايراضي خالي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته اسان غريبن جا گهر 60 کان 70 فٽ پري ٺهيل آهن انهن کي به ڊاهي پٽ ڪيو پيو وڃي، مظاهرين اعليٰ عدالتن کي اپيل ڪئي ته بي گهر ٿيندڙ غريبن کي سرڪاري پلاٽ، بينظير بستي ۾ گهر ۽ سندن مالي سهائتا ڪئي وڃي.

Read Previous

راڻيپور ۾ ٽائون ڪاميٽي جي ڪچن ۽ رٽائرڊ ملازمن کي چار مهينن جي پگهار نه ملي جنهن خلاف 72ڪلاڪن جي شروع ڪيل علامتي بک هڙتال جاري ٽائون انتظاميه خلاف سخت نعريبازي

Read Next

متحده فيڊريشن ايريگيشن يونٽ دادو جي طرفان آبپاشي انجنئر خوشي محمد شيخ جي ناجائيزين خلاف احتجاجي مظاهرو

Most Popular