لاڙڪاڻي شهر جي غريب مقام پاڙي ۾ گذريل پهرين ڊسمبر جي ڏينهن نوجوان وقار علي جانوري جو لاش مليو هو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي شهر جي غريب مقام پاڙي ۾ گذريل پهرين ڊسمبر جي ڏينهن نوجوان وقار علي جانوري جو لاش مليو هو، جنهن لاءِ ڄاڻايو ويو هو ته هن پاڻ کي مبينا طور گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. پر ڪالھ نوجوان جي وارثن چاچي سڄڻ خان جانوري، ڀائرن بابر علي، شاهنواز جانوري ۽ ٻين مائٽن طرفان پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي واقعي کي قتل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان موقعي تي هنن ميڊيا آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل اڱاري جي ڏينهن پهرين ڊسمبر تي اسان جي نوجوان وقار علي پٽ شمس الدين جانوري کي پرسرار نموني قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي خون ۾ سندس دوست اورينگزيب لغاري ۽ وقاص مغيري ملوث آهن، جن گهر ٻاهران نوجوان وقار علي کي گولي هڻي قتل ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي ويا، جڏهن ته جوابدارن مقتول نوجوان جي موٽرسائيڪل باقراڻي روڊ تي قائم هڪ شوروم تي وڪرو ڪري ڏني هئي، جيڪا واقعي واري ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ هنن مقتول وقار علي کان ورتي هئي، اهڙي دانهن اسان حد جي مارڪيٽ ٿاڻي تي ڏني سين، جنهن بعد پوليس هڪ جوابدار وقاص مغيري کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻيو جوابدار اورنگزيب لغاري فرار ٿيل آهي. هنن چيو ته واقعي واري ڏينهن مقتول نوجوان کي قتل ڪرڻ کان پوءِ خودڪشي جو رنگ ڏئي ملوث جوابدارن سندس خون لوڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان وس وارن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته هن معاملي جو نوٽيس وٺي صاف شفاف جاچ ڪري ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري مقتول نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

لاڙڪاڻي شهر ۾ سنڌ جي ايڪتا ڏينهن ۽ معذورن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان گونگن ٻوڙن اسپيشل نوجوانن ميونسپل اسٽيڊيم لا ڪاليج وٽ پنهنجي آفيس ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي

Read Next

لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جا آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڳچين ۾ سُڪل مانيون ٻڌي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Most Popular