خيرپور ڀرسان ٽنڊو مير علي جي رھواسي سيڊا ملازم اختر مڱڻھار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪندي

خيرپور (ڊر) خيرپور ڀرسان ٽنڊو مير علي جي رھواسي سيڊا ملازم اختر مڱڻھار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سندس وارثن امڙ سردارہ خاتون، ڀيڻ عابدہ، ساجدہ سميت سندس ڀائرن ۽ معصوم ٻارڙن احتجاج ڪندي اخبار وارن اڳيان دانهيندي چيو ته هڪ مھينو اڳ اسان جي نوجوان اختر مڱڻھار کي گھوٽڪي ۾ بيدردي سان قتل ڪيو ويو، پر گھوٽڪي پوليس ڳري رشوت وٺي جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آھي، اسان بار بار ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي اڳيان دانھون ڪيون آهن پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو آهي، ھنن وڌيڪ چيو ته بااثر جوابدار ذوالفقار بڙدي ۽ سندس ڀاءُ پوليس اھلڪار مکڻ بڙدي ايترا ته بااثر آهن جو پوليس ھنن جي اڳيان بي وس بڻيل آهي، جوابدار الٽو اسان کي ڪيس تان ھٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ۽ اسان تي مختلف ماڻھن ھٿان ڪوڙيون پٽيشنون پڻ داخل ڪرائي رهيا آھن، هنن اعليٰ عدالتن ۽ آءِ جي سنڌ کان اپيل ڪئي ته اسان جي نوجوان جا قاتل گرفتار ڪري  اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم قبضن هٽائڻ جي آڙ ۾ سنڌ جي ماڻهن کي بي گهر ڪيو پيو وڃي : ف ليگ

Read Next

خيرپور: بلوچستان جي زرعي تحقيق ۽ توسيع کاتي جي مختلف سيڪشنز جي ڊائريڪٽرز جي وفد ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر جمعه خان ترين جي سربراهي ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو دورو ڪيو

Most Popular