سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم قبضن هٽائڻ جي آڙ ۾ سنڌ جي ماڻهن کي بي گهر ڪيو پيو وڃي : ف ليگ

خيرپور (رپورٽ: رانجهن شيخ  ) مسلم ليگ جي فنڪشنل جي صوبائي انفارميشن سيڪريٽري ڪامريڊ نثار احمد ابڙو، جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر پيارو خان ڦلپوٽو، ايم ايس ايف ضلعي خيرپور جي صدر عرفان سرور راڄڙ، ليبر ونگ سنڌ جي نائب صدر الطاف رحمان ميمڻ ۽ ٻين پريس ڪلب خيرپور ۾ ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم قبضن هٽائڻ جي آڙ ۾ سنڌ جي ماڻهن کي بي گهر ڪيو پيو وڃي، قبضن هٽائڻ جي آڙ ۾ سياسي انتقامي ڪاروايون ڪيون پيون وڃن، جنهن ڪري سنڌ جا ماڻهن سخت اذيت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، سنڌ جا ماڻهون سخت تڪليف ۾ آهن، پر پيپلز پارٽي وارن کي سنڌ جي عوام جون تڪليفون نظر ڇو نٿيون اچن، هنن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي ماڻهن کي اڪيلو نٿي ڇڏي سگهي، اسان متاثرن سان گڏ آهيون، هنن چيو ته 50 کان 60 سال پراڻا گهر ڊاهي پٽ ڪيا پيا وڃن، ڇا 50 سال انتظاميا ننڊ ۾ ستل هئي، انهن گهرن کي گئس، بجلي، واٽر سپلائي جا ميٽر ڏيڻ کان اڳ اين او سيز ڪيئن جاري ڪيون ويون، هنن چيو ته افسوس آهي جو قبضن وارن گهرن کي اين او سيز جاري ڪري ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪابه ڪاروائي نٿي ڪئي وڃي، فقط غريبن جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن، جيڪي غريب خاندان سخت سردي ۾ کليل آسمان هيٺان بي يارو مددگار ويٺل آهن، سنڌ جي ماڻهن کي تڪليف ۾ رليف فراهم ڪرڻ بدران پيپلز پارٽي وارا اڄ گم آهن، جڏهن ته فنڪشنل ليگ لائيرس ونگ پاران عدالتن سان پڻ رجوع ڪيو ويندو، هنن چيو ته ف ليگ پاران جمعي جي ڏينهن کهڙا پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهري جو سڏ ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻ ۽ هر مڪتب فڪر جا ماڻهو شريڪ ٿيندا، هنن چيو ته قبضن هٽائڻ جي آڙ ۾ سياسي انتقام طور الجمهور سينٽر ڊاهي سوين پورهيتن کي بيروزگار ڪيو ويو، آبپاشي ۽ روينيون کاتي جي عملدران پاران ڪئنالن تان قبضا هٽائڻ دوران ٻٽو معيار اختيار ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ کي قبضن هٽائڻ ۽ عوام جي تڪليفن کي دور ڪرڻ لاءِ سيشن جج کي قبضا هٽائڻ واري آپريشن جو نگران مقرر ڪيو وڃي، هنن اعليٰ عدالتن سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته قبضن هٽائڻ دوران ٻٽو معيار بند ڪيو وڃي ۽ بي گهر ٿيل سنڌ جي ماڻهن کي سرڪاري پلاٽ ۽ گهر ڏنا وڃن ۽ اڏاوتون ڊاهڻ جو معاوضو پڻ ڏنو وڃي.

Read Previous

راڻيپور جي ڳوٺ محمد بچل شاهاڻي ۾ ڦر ڪيس اندر گهربل جوابدار مٿان پوليس جي چڙهائي مزاحمت متاثرن جو احتجاج چوڏهن ماڻهن مٿان مقابلي جو ڪيس داخل گرفتاري عمل ۾ نه آئي

Read Next

خيرپور ڀرسان ٽنڊو مير علي جي رھواسي سيڊا ملازم اختر مڱڻھار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪندي

Most Popular