خيرپور: بلوچستان جي زرعي تحقيق ۽ توسيع کاتي جي مختلف سيڪشنز جي ڊائريڪٽرز جي وفد ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر جمعه خان ترين جي سربراهي ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو دورو ڪيو

خيرپور (ڊر) بلوچستان جي زرعي تحقيق ۽ توسيع کاتي جي مختلف سيڪشنز جي ڊائريڪٽرز جي وفد ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر جمعه خان ترين جي سربراهي ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو دورو ڪيو ۽ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي پروفيسر ڊاڪثر خليل احمد ابوپوٽو چيو ته زرعي تحقيق زراعت جي ترقي ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪري ٿي. پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي جنهن جي معيشت جو دارومدار زراعت تي آهي. اسانجي گڏيل ذميواري آهي ته اسان خوراڪ جي گھٽتائي کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪريون. هن مهمانن کي ٻڌايو ته اسان ڊيٽ پام ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾ بصر، ڪيلا ۽ ٻين مقامي سبزين ۽ فروٽن جي ٽشو ڪلچر تي تحقيق لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. ڊاڪٽر خليل احمد وفد کي تجويز ڏني ته گڏيل تحقيق، شاگردن جي تبادلي، ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ ۽ شاگردن لاءِ انٽرنشپ پروگرام لاءِ زرعي تحقيق ۽ توسيع کاتي سان يادداشت جي معاهدي تي صحيحون ڪيون وڃن. ان موقعي تي بلوچستان جي زرعي تحقيق ۽ توسيع کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر جمعه خان ترين چيو ته اسان زعفران، انگور ۽ ٻين ميون تي گڏيل تحقيق ڪرڻ چاهيون ٿا. ان کان علاوه وفد يونيورسٽي جي محققن کي ايرڊ زون عمرڪوٽ ۽ اوٿل ريسرچ سينٽر بلوچستان جو دورو ڪرڻ جي به پيشڪش ڪئي. وفد ۾ بلوچستان جي زرعي تحقيق ۽ توسيع کاتي جي مختلف سيڪشنز جي ڊائريڪٽرز محمد سليم، عبدالحفيظ، ڊاڪٽر عصمت الله، گل محمد، ڊاڪٽر محمد قاسم، محمد شريف ۽ ٻيا ڊائريڪٽرز پڻ دوري دوران موجود هئا.

Read Previous

خيرپور ڀرسان ٽنڊو مير علي جي رھواسي سيڊا ملازم اختر مڱڻھار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪندي

Read Next

ڪورونا واري موجوده صورتحال ۾ سماجي تنظيمن پاران عوام جي ڀلائي وارا ڪم ڪرڻ هڪ بهتر قدم آهي : احمد علي قريشي

Most Popular