ڪورونا واري موجوده صورتحال ۾ سماجي تنظيمن پاران عوام جي ڀلائي وارا ڪم ڪرڻ هڪ بهتر قدم آهي : احمد علي قريشي

خيرپور (ڊر) ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي چيو آهي ته ڪورونا واري موجوده صورتحال ۾ سماجي تنظيمن پاران عوام جي ڀلائي وارا ڪم ڪرڻ هڪ بهتر قدم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سول اسپتال خيرپور ۾ روٽري انٽرنيشنل پاران ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊڪ اسٽاف ۾ ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ ماسڪ، هينڊ گلوز، سينيٽيائزز ۽ ٻيو سامان ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ ڊي ايڇ او محمد حسين ابڙو، پرنسيپال خيرپور ميڊيڪل ڪاليج اسد الله مهر، ايم ايس ڊاڪٽر ڪليم الله ميمڻ، روٽري ڪلب جي اسسٽنٽ گورنر عبدالجبار شيخ ۽ رضوان ٻرڙو سميت وڏي تعداد ۾ ڊاڪٽرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيو ته ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيل ڳڻتي جوڳي صورتحال دوران ٻين سماجي تنظيمن جي ڀيٽ ۾ روٽري انٽرنيشنل تنظين سماجي ڪمن خاص طور تي صحت واري شعبي ۾ وڌيڪ حصو وٺي رهي آهي جيڪو هڪ بهتر قدم آهي. هن چيو ته ضلعي انتظاميه پاران خيرپور ۾ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمن سان مڪمل تعاون ڪيو پيو وڃي ته جيئن عوامي ڀلائي واين ڪمن کي هٿي ملي سگهي، ان سلسلي ۾ سماجي تنظيمن کي به گهرجي ته هو صحت ۽ تعليم واري شعبي تي خاص ڌيان ڏين. تقريب کي خطاب ڪندي ڊي ايڇ او محمد حسين ابڙو چيو ته صحت واري شعبي ۾ وڏي پئماني تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ان سلسلي ۾ روٽري ڪلب جيان ٻين سماجي تنظيمن توڙي سرندي وارن کي پڻ اڳتي اچڻ گهرجي. ڪي ايم سي جي پرنسيپال اسد الله مهر چيو ته سنڌ حڪومت ۽ روٽري ڪلب سماجي ڪمن ۾ ڀرپور مددگار ثابت ٿي رهيا آهن، هن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر جي ڀرپور ڪوششن سان ڪاليج جي غريب شاگردن کي اسڪالرشپ پڻ ملي آهي ته جيئن هو پنهنجي تعليم جاري رکي سگهن. تقريب کان اڳ روٽري ڪلب پاران اسپتال جي سمورن ڊاڪٽرن ۽ عملي ۾ ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ حفاظتي ڪٽ، ماسڪ، سينيٽائزر، هينڊ گلوز ۽ ٻيو ضروري سامان ورهايو ويو.

Read Previous

خيرپور: بلوچستان جي زرعي تحقيق ۽ توسيع کاتي جي مختلف سيڪشنز جي ڊائريڪٽرز جي وفد ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر جمعه خان ترين جي سربراهي ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو دورو ڪيو

Read Next

سڪرنڊ : بهتري ڪميٽيء جو مقصد تعلقي اسپتال سڪرنڊ کي بهتريءَ ڏانهن وٺي وڃڻ آهي ، جنهن سان عوام کي تمام گهڻو فائدو ملي سگهي

Most Popular