معذورن جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان نوابشاهه جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ معذور نوجوان پاران معذوري ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ خلاف ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج

نوابشاهه(رپورٽ:دانش حيدر) معذورن جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان نوابشاهه جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ معذور نوجوان پاران معذوري ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ خلاف ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي نوابشاھه پريس ڪلب ٻاهران سائينداد مري، نور علي بروهي، علي احمد بھراڻي، قلندر بخش لنڊ، اعجاز چانڊيو، مدد علي بروھي، راھد ڇٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته گذريل ڏھن سالن اسان معذوري ڪوٽا تي مختلف ادارن ۾ سرڪاري نوڪري لاءِ درخواستون جمع ڪرائي چڪا آھيون ليڪن اسان کي اڃان تائين پنھنجو حق نٿو ملي، ھنن چيو ته ضلعي جا آفيسر پنھنجي من پسند ماڻهن کي نوڪريون جا آرڊر ڏئي اسان جي حق تي ڌاڙو ھنيو آھي، ھنن چيو ته اسان سڀئي پڙھيل لکيل آھيون ليڪن اسان کي پوءِ به معذوري ڪوٽا تي نوڪريون نٿي ڏني وڃي جيڪا اسان جا ناانصافي آھي، ھنن چيو ته اسان ھن وقت بيروزگار آھيون ۽ پنھنجي ٻچن سميت بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون، ھنن چيو ته معذوري ڪوٽا تي عمل وارو سنڌ اسيمبلي مان بل به منظور ٿي چڪو آھي ليڪن پوءِ به اسان کي نوڪري نٿي ڏني وڃي، ھنن مطالبو ڪيو ته معذوري ڪوٽا تي عمل ڪري اسان کي سرڪاري نوڪري ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رھندو.

Read Previous

سکر: پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف جي امڙ مرحومه شميم اختر جي ايثال ثواب لاء ٻين ضلعن جيان سکر ضلعي ۾ به مسلم ليگ ن ضلعي سکر طرفان قرآن خواني ڪرائي

Read Next

نوابشاهه:عورتن جي حقن ۽ انهن بابت ٺاهيل قانون جي حوالي سان اداره تعليم و آگاهي پاران ريلي ڪڍي نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو

Most Popular