راولپنڊي جي علائقي پيروڌائي ۾ ڌماڪو، هڪ فوت، ست زخمي

راولپنڊي جي مصروف ترين علائقي پير وڌائي ۾ ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 ماڻهو زخمي ۽ هڪ فوت ٿي ويو. شروعاتي معلومات موجب ڌماڪي کانپوءِ هڪ رڪشا ۾ باهه ڀڙڪي پئي، ڌماڪي جي نوعيت جي في الحال خبر نه پئجي سگهي. پوليس علائقي کي گهيري ۾ وٺي جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، ريسڪيو عملدارن اکين ڏٺل شاهدن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته اوچتو رڪشا ۾ زوردار ڌماڪي جي آوزان کانپوءِ ان ۾ باهه لڳي وئي. پوليس موجب پوليس موقعي تي واردات واري جاءِ تي پهچي وئي، عملدارن جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ جو سبب سلنڊر يا جنريٽر سان به ڌماڪو ٿي سگهي ٿو، واقعي واري هنڌ کي ڪورڊن آف ڪيو ويو آهي، زخمين کي ويجهي اسپتال منقل ڪيو ويو آهي ۽ باقي امدادي ڪارروايون جاري آهن.

Read Previous

نوابشاهه:عورتن جي حقن ۽ انهن بابت ٺاهيل قانون جي حوالي سان اداره تعليم و آگاهي پاران ريلي ڪڍي نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو

Read Next

ڪراچي ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ خودمختيار بلدياتي نظام آڻي رهيا آهيون:وزيراعظم

Most Popular