ڪراچي ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ خودمختيار بلدياتي نظام آڻي رهيا آهيون:وزيراعظم

عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ خودمختيار بلدياتي نظام آڻي رهيا آهيون. اسلام آباد ۾ پاڪستان سٽيزن پورٽل تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته ان پورٽل ۾ سڀ کان وڏو مسئلو اهو سامهون آيو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ لوڪل گورنمنٽ سسٽم ٺيڪ ناهي، اسان نئين طرح جو سسٽم آڻي رهيا آهيون، جنهن ۾ فنڊ هيٺئين سطح تائين ويندا.  وزيراعظم چيو ته پرائم منسٽر سٽيزن پورٽل ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا، آزادي کانپوءِ حڪومت ڪندڙن جي ذهنيت تبديل نه ٿي، غلامن جا اهي حق ناهن هوندا جيڪي آزاد شهري جا هوندا آهن، 30 لک ماڻهن سٽيزن پورٽل جو استعمال ڪيو، اوورسيز پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن، هنن ان پورٽل جو ڀرپور استعمال ڪيو.

Read Previous

راولپنڊي جي علائقي پيروڌائي ۾ ڌماڪو، هڪ فوت، ست زخمي

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 55 فوت، ٻٽيهه سئو ٻاهٺ ڪيس رپورٽ

Most Popular