نوابشاهه:عورتن جي حقن ۽ انهن بابت ٺاهيل قانون جي حوالي سان اداره تعليم و آگاهي پاران ريلي ڪڍي نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو

نوابشاهه(رپورٽ :دانش حيدر) عورتن جي حقن ۽ انهن بابت ٺاهيل قانون جي حوالي سان اداره تعليم و آگاهي پاران ريلي ڪڍي نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اداره تعليم و آگاهي جي ريجنل ڪوآرڊينيٽر فاخره ابڙو، سماجي اڳواڻ اڪرم خاصخيلي، مراد پندراڻي، عورت اڳواڻ قمرالنساءِ ڌامراه ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان سيمت سنڌ ۾ عورتن جي حقن جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، عورتن کي پنهنجن حقن کان محروم رکيو ويو آهي، صدين کان عورت استحصال جو شڪار ٿيندي رهي آهي، هنن چيو ته پاڪستان سميت سنڌ ۾ عورتن جي حوالي سان قانون سازي ته تمام گهڻي ٿي آهي پر افسوس جو ان تي علمدرآمد نه ٿيڻ جي برابر آهي، سنڌ ۾ ڪاروڪاري جي ڪُڌي رسم سبب عورت جي موت جي ور چاڙهيو ويو آهي، ننڍي عمر جي شادين جي روڪٿام واري قانون هجڻ باوجود ننڍي عمر جي شادين جي ڪري سڀ کان وڌيڪ نياڻيون متاثر ٿي رهيون آهن ۽ ان قانون ٿي عمل نه ٿي سگهيو آهي، ھنن چيو ته اڄ به سنڌ جي ٻهراڙي ۾ رهندڙ عورت پنهنجي آئيني ۽ بنيادي حقن کان محروم آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته عورتن بابت ٺاھيل قانون تي عمل ڪيو وڃي.

Read Previous

معذورن جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان نوابشاهه جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ معذور نوجوان پاران معذوري ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ خلاف ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج

Read Next

راولپنڊي جي علائقي پيروڌائي ۾ ڌماڪو، هڪ فوت، ست زخمي

Most Popular