سجاول : جمعيت طلباء اسلام صوبه سنڌ جي طرفان حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ڊويزن جي اڳواڻن جو اجلاس سجاول ۾ ڪوٺايو ويو

سجاول(ڊر)جمعيت طلباء اسلام صوبه سنڌ جي  طرفان حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ڊويزن جي اڳواڻن  جو اجلاس سجاول ۾ ڪوٺايو ويو جنھن ۾ جماعتي سرگرمين کي وڌائڻ،ڪنويشن منعقد ڪرائڻ تي غور ڪيو ويو.اجلاس ۾ جي ٽي آئي صوبه سنڌ جي صدر نعيم الله لغاري،زاھد شاه،حمادالله ميمڻ،عروه صديقي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪورونا وائرس سبب ملڪ پالستام جي تعليم کي ھٿ وٺي تباه ڪيو پيو وڃي.ڪورونا وائرس جيڪري صرف تعليمي ادارا بند ڪيا ويا آھن.پر بازارن ۽ ھوٽلن تي اڃا تائين ڪورونا نٿي اچي صرف تعليمي ادارن ۾ اچي رھي آھي.ھنن چيو ته سنڌ جي تعليم اڳ ۾ تباه آھي وڌيڪ ان کي تباه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.جمعيت طلباء اسلام شاگردن جي حقن لاء پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي فيبروري جي مھيني ۾ ميرخاص ۽ حيدرآباد جي ڊويزن جي شاگردن جو ڪنوينشن ڪوٺايو ويندو.

Read Previous

سجاول : جمعيت علماء اسلام پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

Read Next

ڪولهي برادري جي ڪٽنب موجب ڀارت ۾ اسان جو جيئڻ جنجال ٿي ويو هو، اتي جون ڏکيائيون، رويه ۽ معاشي حالتون ڏسي اسان واپس موٽڻ جو فيصلو ڪيو

Most Popular