سجاول : جمعيت علماء اسلام پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

سجاول(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري)سجاول ۾ جمعيت علماء اسلام  پاران ملتان ۾ پي ڊي ايم جي جلسي دوران پر امن جي يو آء جي ڪارڪن جي گرفتاي ۽ ملڪ ۾ ونڌدڙ مھانگائي اٽو کنڊ سميت معيشت تباھ ڪرڻ خلاف جامع مسجد چوڪ کان پبلڪ  تائين احتجاجي مظاھرو ڪيو جنھن جي اڳواڻي جي يو آء جي ضلعي جنرل سيڪريٽري فضل الله فياض ڪئي.ان موقعي تي مولانا اشرف ميمڻ،مولانا انورسومرو،مولانا عبدالرزاق کٽي،مولوي اسدالله ۽ ٻين  خطاب ڪندي چيو ته ملتان ۾ پي ڊي ايم جي جلسي ۾ پنجاب حڪومت اسان جي ڪارڪنن کي بلاجواز گرفتار ڪري گم ڪري چڏيو آھي.ھنن چيو ته ڪارڪن لاھور واري جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪبي. نيازي حڪومت وڃڻ واري آھي ھن معشعت تباھ ڪري چڏي آھي جنھن خلاف لاھور واري جلسي ۾ خبر پوندي آخر ڪار حڪومت کي گھر وڃڻو پوندو.اسان پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان رائونڊ کيڏيا آھن.لاھور جي جلسي انھن لاء سيمي فائنل ھوندو.فائنل کان اڳ ھي حڪومت ميچ ھارائي ويندي.احتجاج ۾ موجوده حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.

Read Previous

سکر: نيب سکر پاران پلي بارگين ذريعي واپس ڪرايل پئسا سنڌ حڪومت حوالي

Read Next

سجاول : جمعيت طلباء اسلام صوبه سنڌ جي طرفان حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ڊويزن جي اڳواڻن جو اجلاس سجاول ۾ ڪوٺايو ويو

Most Popular