ڪولهي برادري جي ڪٽنب موجب ڀارت ۾ اسان جو جيئڻ جنجال ٿي ويو هو، اتي جون ڏکيائيون، رويه ۽ معاشي حالتون ڏسي اسان واپس موٽڻ جو فيصلو ڪيو

مٽياري   :  ڀارت مان پنهنجي وطن واپس موٽندڙ ڪولهي برادري جي ڪٽنب جو مٽياري پهچڻ تي شاندار استقبال ڪندي کين گلن جا هار پارائڻ سان گڏ تحفا پڻ پيش ڪيا ويا. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالمجيد زهراڻي مٽياري لڳ ڳوٺ علي محمد ڏيٿو ۾ ڀارت کان موٽي ايندڙ ڪولهي برادري جي ٽن ڀاتين تي مشتمل ڪٽنب جي فردن ماڌو سندس زال امري ديوي ۽ سندس نياڻي رام ديوي کي گلدسته، اجرڪ ۽ هڪ مهيني جو راشن پڻ ڏنو. واضح رهي ته هي ڪٽنب ڇهه مهينا اڳ پاڪستان ڇڏي ڀارت ويو هو جتي جون تڪليفون ڏسي متاثر خاندان واپس وطن موٽڻ جو فيصلو ڪيو. ڪولهي برادري جي ڪٽنب موجب ڀارت ۾ اسان جو جيئڻ جنجال ٿي ويو هو، اتي جون ڏکيائيون، رويه ۽ معاشي حالتون ڏسي اسان واپس موٽڻ جو فيصلو ڪيو، اسان کي جيڪا عزت، مان ۽ محبت پنهنجي وطن پاڪستان ۾ ملي ٿي اها ڪٿي به ڪانه ملندي. ان موقعي تي ڳالهيندي اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالمجيد زهراڻي ڀارت مان واپس ايندڙ ڪٽنب جي هر سطح تي سهائتا جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اسان جي ملڪ ۾ اقليت جي حقن جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته پاڙيسري ملڪ هندستان ۾ انتهاپسندي عروج تي هئڻ سان گڏ معاسي حالتون پڻ خراب آهن جنهن سبب عوام ڏچي ۾ آهي. مودي جي انتهاپسند حڪومت نه صرف مظلوم ڪشميرين تي ظلم ڪيو آهي پر هندستان ۾ موجود اقليتن سان به ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي.

Read Previous

سجاول : جمعيت طلباء اسلام صوبه سنڌ جي طرفان حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ڊويزن جي اڳواڻن جو اجلاس سجاول ۾ ڪوٺايو ويو

Read Next

سکر : ٺل جي شھر ڳڙھي حسن سرڪي جي رهواسڻ ٽن ٻارن جي ماء مسمات ثمينه ڌوهو سان گڏ احتجاج ڪندي

Most Popular