رسگاهون يونيورسٽيون هجن ، ڪاليج هجن يا اسڪول هجن اهي سڀ شاگردن لاءِ ايئن آهن آهن جيئن اولاد لاءِ ماءُ جي هنج هوندي آهي : ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي

سڪرنڊ ( رپورٽ اڪبرملاح) وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي چيو آهي ته درسگاهون يونيورسٽيون هجن ، ڪاليج هجن يا اسڪول هجن اهي سڀ شاگردن لاءِ ايئن آهن آهن جيئن اولاد لاءِ ماءُ جي هنج هوندي آهي ۽ شاگردن کي به استادن جو ادب ۽ احترام والدين جيان ڪرڻ گهرجي ان ۾ ئي سندن ڪاميابي آهي هُو شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ٽيسٽنگ سروسز پاران سال 2021 جي داخلائن لاءِ يونيورسٽي ۾ هلندڙ مختلف پروگرامن بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏيڻ وقت ڳالهائي رهيو هو هن چيو ته ڪوشش رهي آهي ته شاگردن کي تعليم سان گڏ وگڏ اخلاقي تربيت پڻ ڏني وڃي ڇاڪاڻ جو تعليم تربيت کانسواءِ اڻپوري آهي هن وڌيڪ چيو ته بي بي اي، بي ايس (انفارميشن ٽيڪنالوجي)، بي ايس (انگلش)، بي ايس (ڪيمسٽري)، بي ايس (ايجوڪيشن)، بي ايس (اڪانامڪس)، بي ايس (اسٽيسٽڪس)، بي ايس (جينيٽڪس) ، بي ايس( سنڌي) ۽ بي ايس (ميڊيا اسٽڊيز)، جي ( ايس او پيز تحت شفٽ وائيز) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظير آباد ۾ اڄ پهرين ڏينهن ورتي وئي آهي اهڙي قسم جي ٽيسٽ ٽي ڏينهن جاري رهندي. ان سلسلي ۾ سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽرامانت علي جلباڻي اهو به ٻڌايو ته لڳ ڀڳ 2000 شاگردن اپلاءِ ڪيو آھي جن کان روزانو ٽن شفٽن ۾ في شفٽ 200 شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ جو انتظام ڪيو آهي بريفنگ کان پوءِ وي سي ، ڊين پروفيسر ڊاڪٽر لياقت علي زرداري، رجسٽرار نجم الين سوهو، طفيل احمد ميمڻ، منظور علي سيال، صغير احمد راڄپر، ڪاشف نوراني ۽ ٻين سان گڏ امتحاني بلاڪن جو معائنو پڻ ڪيو.

Read Previous

سکر: سپريم ڪورٽ جي حڪم کي هوا ۾ اڏاريندڙ ۽انساني جانين سان کيڏندڙ؛ ايل؛ پي؛ جي؛گئس بس ٽرمينل سکر تي سرعام وڪرو ٿيڻ لڳي

Read Next

سانگهڙ: سماجي تنظيم ايم ڊي ايف يورپي يونين ۽ آڪسفيم جي تعاون سان ڳوٺ ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي حوالي سان 16جاگرتا مهم

Most Popular