دادو: محمد مراد گرائونڊ تي والي بال راند جو مقابلو ٿيو ٻن ٽيمن الحسيني ۽ پير محمد مراد جي ٽيم وچ ۾ چٽاڀيٽي ٿي

دادو(ڊ ر) محمد مراد گرائونڊ تي والي بال راند جو مقابلو ٿيو بي پول جي ٻن ٽيمن الحسيني ڪلب دادو ۽ پير محمد مراد جي ٽيم وچ ۾ چٽاڀيٽي ٿي جنهن ۾ الحسيني ڪلب جي رانديگرن مئچ کٽي ورتي. الحسيني ڪلب جي رانديگرن ۾ ڪيپٽن عباس ٿيٻو عرفان سولنگي. عمران ٿيٻو. اعظم دايو. ارمان سولنگي. جنيد قمبراڻي. جاني جوکيو بهترين راند جو مظاهرو ڪندي9 پينٽن تان مئچ کٽي ورتي. راند ۾ مهمان خاص سماجي اڳواڻ رضوان ميمڻ استاد شوڪت علي سومرو شرڪت ڪئي.جنهن ۾ ڪيترن تماشائين شرڪت ڪئي.

Read Previous

لاڙڪاڻي ۾ بلڊنگ پينٽر ليبر يونين طرفان عهديدارن جي چونڊ خوشي ۾ ريلي ڪڍي وئي

Read Next

خيرپور: گمبٽ شهر مان اغوا ٿيل نوجوان ناريءَ جو پتو نه پيو، امڙ جو خيرپور احتجاج

Most Popular