لاڙڪاڻي ۾ بلڊنگ پينٽر ليبر يونين طرفان عهديدارن جي چونڊ خوشي ۾ ريلي ڪڍي وئي

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد ) لاڙڪاڻي ۾ بلڊنگ پينٽر ليبر يونين طرفان عهديدارن جي چونڊ خوشي ۾ ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي جتي هنن هٿن ۾ بئنر کڻي نعريبازي پڻ ڪئي. جنهن ۾ يونين جي چيئرمين عبدالحئي جمالي، وائيس چيئرمين حيدر علي ويسر، صدر عاشق علي چاوڙو، نائب صدر اياز علي هليو، سينيئر نائب صدر رجب علي، جنرل سيڪريٽري انعام علي جوڻيجو، فنانس سيڪريٽري غلام عباس شيخ، شبير ميراڻي، ڏڪري مان روشن جتوئي، ڌامراهه مان محمد صفر شيخ، باقراڻي مان نظر محمد بروهي، علي حسن شيخ، اختر علي عباسي، قربان علي سولنگي، انور علي ڪلهوڙو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سالن کان وٺي رنگ ڪندڙ ڪاريگرن جي تنظيم نه هئڻ جي ڪري اسين سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا هئاسين، اسان جي مٿان ميمبرن اعتماد ڪري اهم ذميواري ڏني آهي جنهن کي ڀرپور طريقي سان نڀائي رنگ جي ڪاريگرن جا مسئلا حل ڪنداسين جيئن ڪنهن به ڪاريگر سان ناانصافي نه ٿئي.

Read Previous

سنجهورو ٿاڻي جي حد چڪ 22 جمڙائو دم واھ جي ڀر ۾ هڪ نامعلوم شخص جو لاش ھٿ

Read Next

دادو: محمد مراد گرائونڊ تي والي بال راند جو مقابلو ٿيو ٻن ٽيمن الحسيني ۽ پير محمد مراد جي ٽيم وچ ۾ چٽاڀيٽي ٿي

Most Popular