خيرپور: گمبٽ شهر مان اغوا ٿيل نوجوان ناريءَ جو پتو نه پيو، امڙ جو خيرپور احتجاج

خيرپور (ڊر) گمبٽ شهر مان اغوا ٿيل نوجوان ناريءَ جو پتو نه پيو، امڙ جو خيرپور احتجاج، خبر موجب شيخ محلا گمبٽ جي رهواسڻ پيرسن عورت مسمات صدوري زال محمد صالح سهتو پنهنجي ڌيءَ بادشاهزادي سهتو سان گڏجي خيرپور ۾ گمبٽ ٿاڻي جي پوليس ۽ گهر تي چڙهائي ڪري نياڻيءَ کي اغوا ڪندڙن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي ٻڌايو ته چار ڏينهن اڳ گمبٽ ٿاڻي جي حد شيخ محلا ۾ ڪار سوار جوابدار فدا حسين ولد محمد مٺل رند چار هٿياربندن ساڻ ڪري هٿيارن جي زور تي گهر ۾ گهري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي گهر ۾ رکيل سونا زيور ۽ ٽيهه هزار روپيه روڪ ڦرڻ بعد نوجوان ناري مرادان سهتو کي اغوا ڪري ويا آهن. هنن ٻڌايو ته گمبٽ ٿاڻي تي چئن ڏينهن کان چڪر ڪاٽي رهيا آهيون پر پوليس جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاءِ الٽو ڌڪا ڏئي واپس ڪري ڇڏي ٿي. هنن ڊي آءِ جي سکر، آر پي او سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪندي چيو ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري سندس نياڻي کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

دادو: محمد مراد گرائونڊ تي والي بال راند جو مقابلو ٿيو ٻن ٽيمن الحسيني ۽ پير محمد مراد جي ٽيم وچ ۾ چٽاڀيٽي ٿي

Read Next

خيرپور : ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ٻٻرلوءِ کان پريس ڪلب خيرپور تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

Most Popular